سنڌ

شهيد فاضل ۽ پليجي جو ساٿي مٺو مهيري لاڏاڻو ڪري ويو

شهيد فاضل راهو ۽ رسول بخش پليجو جو ويجهو ساٿي، لطيف جو پارکو مٺو مهيري ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ دل بيهڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو. مٺو مهيري ايم آر ڊي تحريڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ھن شھيد فاضل راھو سان گڏ مختلف تحريڪن ۾ حصو ورتو. 1989ع ۾ راھوڪي ۾ ھاري ڪانفرنس ۾ تقرير ڪرڻ جي ڏوهه ۾ اسير بڻجي حسين بخش ناريجي سان گڏ کيس سرعام ڪوڙا هنيا ويا. هن مختلف ڦومي شاعرن شيخ اياز، آڪاش انصاري، سرويچ سجاولي ۽ ابراهيم منشي جا انقلابي گيت منفرد انداز ۽ ترنم ۾ ڳائي تحريڪن ۾ انقلابي جوش آندو. مٺو مهيري لطيف جو پارکو ۽ نالي وارن سگھڙن ۾ شمار آهي. مٺو مهيري جي لاڏاڻي جي خبر پوڻ تي سوڳ جي لهر پکڙجي وئي. سندس مڙهه ڪراچي کان کورواهه ڀرسان ڳوٺ حاجي چاڪر مهيري ۾ آندو ويو، اڄ پهرين نومبر اڱاري جي ڏينهن صبح 9 وڳي تدفين ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button