اسلام آبادپاڪستان

عمران خان جو چيف اليڪشن ڪمشنر کي 10 ارب رپيا هرجاڻي جو نوٽيس موڪلڻ جو اعلان

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان خلاف 10 ارب رپيا هرجاڻي جو ڪيس داخل ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. لانگ مارچ کي خطاب ڪندي هن چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر انهن چورن کي خوش ڪرڻ لاءِ فارن فنڊنگ ڪيس ۽ توشا خانا ۾ منهنجو نالو ورتو، ساک کي هاڃو رسائڻ تي چيف اليڪشن ڪمشنر کي عدالت ۾ بيهاري کانئس هرجاڻي جا پئسا ڪڍرائيندس. هن چيو ته امپورٽيڊ حڪومت ۽ ان جا سهولتڪار ٽي وي ڪوريج بند ڪري رهيا آهن، پاڪستان جي عوام کي اسلام آباد طرف وڌندي ڏسڻ کان روڪي رهيا آهن پر فڪر جي ڪا ڳالهه ناهي، سوشل ميڊيا جي ڪري ماڻهن کي پنهنجي موبائيل فون تي نظر اچي رهيو آهي ته اهو انقلاب ڪيتري تيزي سان اسلام آباد طرف اچي رهيو آهي. ٻئي طرف رٿابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته هو عمران خان تي 10 ارب رپيا ڏنڊ جو ڪيس ڪندو ڇو ته عمران خان جلسن ۾ کيس ڌاڙيل چيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button