
جماعت اسلامي پاڪستان جي نائب امير مولانا اسدالله ڀٽو ٺٽي پهچي ڪراچي مڇر ڪالوني ۾ قتل ڪيل ٺٽي واسي ٽيلي ڪام ڪمپني جي انجنيئر ايمن سعيد جي والد سينيئر صحافي ڊاڪٽر سعيد جاويد سان تعزيت ڪري واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته واقعي جي جيتري به مذمت ڪجي گھٽ آھي. ڪراچي جھڙي شھر ۾ اھڙي نوعيت جا واقعا دل ڏکوئيندڙ آھن. مولانا اسدالله ڀٽو چيو تہ عوام اڳ ئي مھانگائي واري چڪي ۾ پيسجي رهيو آهي. نوجوان ڪراچي ۾ روزگار لا اچن ٿا ته انھن جي مائٽن کي لاش ڏنا وڃن ٿا. اها حڪومت جي بيحسي آهي، جن کي عوام جي تحفظ لا سخت قدم کڻي اھڙن شرپسندن خلاف سخت کان سخت ڪارروائي ڪرڻ گھرجي، جيئن عوام سڪون جو ساهه کڻي سگھي. ان موقعي تي جماعت اسلامي ٺٽي جا اڳواڻ الطاف احمد ملاح، سيد نظام الدين شاهه، مولانا عطا الرحمن بلوچ، غلام شفيع سمون، مجيد سمون ۽ ٻيا موجود ھئا.