پاڪستان

انقلاب ته اچڻو آهي، پوءِ بيلٽ باڪس جي ذريعي ايندو يا رتوڇاڻ سان:عمران خان

تحريڪ انصاف جو لانگ مارچ چوٿين ڏينهن ڪامونڪي کان گوجرانوالا شهر پهچي ويو، پي ٽي آ سربراهه عمران خان چيو آهي ته گذريل 6 مهينن کان ملڪ ۾ هڪ انقلاب جو مشاهدو ڪري رهيو آهيان، انقلاب ته اچڻو ئي آهي پر سوال اهو آهي ته ڇا هي انقلاب بيلٽ باڪس جي ذريعي نرم هوندو يا رتوڇاڻ ذريعي تباهي پکيڙيندڙ- پوئتي نه هٽندس. ڪامونڪي ۽ گوجرانوالا ۾ ڪنٽينر تي خطاب ۽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته جيئن جيئن اسين اڳتي وڌي رهيا آهيون عوام وڏي انگ ۾ اسان جي لانگ مارچ ۾ شامل ٿي رهيو آهي، جي ٽي روڊ تي اسان جي مارچ سان گڏ عوام جو سمنڊ آهي. عمران خان هڪ دفعو ٻيهر اسٽيبلشمينٽ کي مخاطب ٿيندي چيو ته الله جي واسطي چورن سان گڏ نه بيهو، مشرف ٻنهي خاندانن کي ڪرپشن تي هٽايو ته سڄي قوم اسٽيبلشمينٽ جي ان فيصلي جي حمايت ڪئي، پر هاڻي اوهان کين ڊراءِ ڪلين ڪري ٻيهر اسان تي مڙهي ڇڏيو آهي، ڇا اوهان انهن چورن کي مڃو ٿا؟ ڪير به پاڪستاني کين تسليم نٿو ڪري، اوهان بند ڪمرن ۾ فيصلو ڪيو ۽ کين پاڪ صاف ڪري ڇڏيو، عوام بند ڪمرن ۾ فيصلا ڪندڙن سان گڏ بيٺل نه آهي، قوم جو آواز ٻڌو ۽ ڏسو ته قوم ڪهڙي پاسي بيٺل آهي، جيڪو به چورن سان گڏ بيهندو اهو به انهن جي رنگ ۾ رڱجي ويندو، پاڪستاني قوم رڍون ٻڪريون ناهي جو انهن کي هڪليو وڃي، اسان انسان آهيون، خدا جي واسطي پاڪستاني قوم کي جانور نه سمجهو. هن وڌيڪ چيو ته نواز شريف فڪر نه ڪري، جاڳيل قوم سندس انتظار ڪري رهي آهي، هو هڪ ڀيرو ملڪ واپس آيو ته ٻيهر لنڊن واپس وڃي نه سگهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button