سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ جهيڙي ڪيس ۾ 3 جوابدارن کي 5 سال قيد جي سزا

لاڙڪاڻي جي عدالت همراهه کي زخمي ڪرڻ واري ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 3 جوابدارن کي 5، 5 سال قيد ۽ 20، 20 هزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي جڏهن ته هڪ جوابدار کي بري ڪري ڇڏيو. رپورٽ موجب لاڙڪاڻي جي ڇهين ايڊيشنل اينڊ سيشن جج غلام ياسين ڪولاچي جي عدالت سال 2018ع دوران تعلقي ٿاڻي جي حد ۾ ٿيل جهيڙي واري ڪيس جي شنوائي ڪئي، جتي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت 3 جوابدارن طفيل احمد، علڻ ۽ شاھد کهاوڙ کي 5، 5 سال قيد ۽ 20، 20 هزار ڏنڊ جي سزا ۽ ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي جوابدار زاهد کهاوڙ کي بري ڪري ڇڏيو. واضح رهي ته سال 2018ع دوران تعلقي ٿاڻي جي حد گلشن عامر ڪالوني ابڙي واھه تي ڪلهوڙا ۽ کهاوڙ برادري ۾ جهيڙي دوران محمد مٺل ڪلهوڙو زخمي ٿيو هو، جنهن جي فرياد تي چئن جوابدارن مٿان اهڙو ڪيس داخل ڪيو ويو هو. ٻئي پاسي سزا هيٺ آيل جوابدارن کي لاڙڪاڻو سينٽرل جيل منتقل ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button