سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ پ پ نصيرآباد ليڊيز ونگ اڳواڻن جو احتجاجي مظاهرو

لاڙڪاڻي ۾ پيپلزپارٽي نصيرآباد سٽي جي ليديز ونگ صدر عورت ڪارڪنن سان گڏجي ٻئي ڏينهن به سرڪاري نوڪرين، ترقياتي فنڊن ۽ ڪمن ۾ نظرانداز ڪري ٻوڏ ۾ واهر نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي پي پي پي ليديز ونگ نصيرآباد سٽي جي صدر مسڪان اوڍاڻو ڪارڪنن ريحانه منگي، شڪيلا منگي، شائسته ابڙو، مريم لغاري، اسلام خاتون منگي ۽ ٻين سان گڏجي دانهيندي چيو ته 2008ع کان وٺي پارٽي قيادت نوڪرين ۽ ترقياتي فنڊن ۾ نظرانداز ڪيو آهي. هن چيو ته تازو ٻوڏ ۾ مون سميت پارٽي جون ٻيون عورت ڪارڪنن جون جڳهون ڊهي پيون پر پ پ ضلعي صدر قمر الدين گوپانگ، تعلقي صدر خان ڦلپوٽو، سٽي صدر ضمير مسڻ، ليديز ونگ ضلعي صدر فريال بروهي ۽ ٻين اسان کي نوڪرين، ترقياتي ڪمن توڙي راشن ۽ امدادي سامان ۾ مڪمل طور نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي، ايتري تائين جو اسان کي پارٽي اجلاسن ۾ به نٿو گهرايو وڃي، اهڙيون شڪايتون اسان ايم پي اي مير نادر مگسي، ايم پي اي سردار خان چانڊيو ۽ ٻين کي ڪيون پر ڪو تدارڪ نه ٿي سگهيو آهي، جنهن ڪري اڄ اسان لاڙڪاڻي پهچي اهڙي ناجائزي خلاف سراپا احتجاج بڻيل آهيون. هنن پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو، آصف زرداري، نثار کهڙي ۽ ٻين مرڪزي اڳواڻن کي اپيل ڪئي ته اسان جي ٻارڙن کي نوڪريون ۽ ترقياتي فنڊ ڏئي واهر ۽ مالي سهائتا ڪئي وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌائينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button