سنڌ

قمبر ۾ وڌندڙ بدامني خلاف شهرين ۽ واپارين جو احتجاجي مظاهرو

قمبر ۾ بدامني خلاف شهرين ۽ واپارين جو شهدا چوڪ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي محمد حسين چانڊيو، امتياز پنهور، جمال الدين پنهور، مختيار علي پنهور ۽ ٻين دانهيندي چيو آهي ته قمبر شهر جي مختلف علائقن مان ڪيتريون ئي موٽر سائيڪلون ڦر ۽ چوري ٿي چڪيون آهن، جنهن جو ڪو تدارڪ نه ٿيو آهي، پوليس عملدار سکڻا آسرا ڏئي موٽائي ڇڏين ٿا، سفارشي آفيسر مقرر هئڻ ڪري هر روز ڏوهن ۾ واڌ ٿي رهي آهي. هنن چيو ته چوريون ۽ ڦر ٿيل موٽر سائيڪلون ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ نوٽيس وٺي واپس ڪرائي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button