سنڌ

ميرو خان ۾ ٻوڏ متاثرن جو اي سي آفيس آڏو شاميانا هڻي ڌرڻو

ميرو خان ۾ برسات متاثرن واهر نه ٿيڻ، بک ۽ بدحالي کان تنگ ٿي اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس اڳيان شاميانا هڻي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي شهر جي گلشن آباد پاڙي جي رهواسي متاثرن عبدالواحد دايو، معشوق ديناري، عبدالوهاب بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گلشن آباد کان احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اڳيان شاميانا لڳائي ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته ٻوڏ کي ٻه مهينا گذري ويا پر هن وقت تڪ جي چونڊيل نمائندن توڙي انتظاميا ڪا واهر نه ڪئي آهي. هنن الزام هنيو ته اي سي نهيد ميراڻي متاثرن لاءِ آيل امدادي سامان حقي متاثرن کي ڏيڻ بدران رڳو ڏٽا ۽ دلاسا ڏئي هر روز پنڌ ڪرائي تذليل ڪري رهيو آهي. تڪ جي چونڊيل نمائندن جي چوڻ تي من پسند ماڻهن کي امدادي سامان ڏئي رهيو آهي جيڪا سراسر ناانصافي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته متاثرن بدران من پسند ماڻهن کي خوشامد تي راشن، ٽينٽ ۽ ٻيو امدادي سامان ڏيندڙ اي سي نهيد ميراڻي خلاف احتجاج جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رکيو ويندو. بي طرف رابطي ڪرڻ تي اي سي نهيد ميراڻي ٻڌايو ته احتجاج ڪندڙ هڪ کان وڌيڪ ڀيرا امدادي سامان وٺي ويا آهن، ان باوجود احتجاج ڪري بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جيڪو مناسب ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button