سنڌ

گڊو مان هفتو اڳ اغوا ٿيل معصوم ٻارڙو بازياب نه ٿيو، شٽربند هڙتال

گڊو شهر جي پٺاڻ محلي ۾ هڪ هفتو اڳ اغوا ٿيل 5 ورهين جو معصوم سرفراز پٺاڻ بازياب نه ٿي سگهيو. مغوي جي بازيابي لاءِ پوليس پاران بار بار ورتل مهلت به ختم ٿيڻ بعد مغوي معصوم ٻار جي وارثن جي سڏ تي شهرين شٽر بند هڙتال ڪري ڪاروباري مرڪز بند ڪري احتجاج ڪيو. جڏھن ته مغوي جي وارثن ۽ پٺاڻ برادري جي ماڻهن مغوي جي بازيابي لاءِ لڳايل ڪئمپ تي همدردي لاءِ مختلف شهرن مان برادري جي ماڻهن جو آمد جو سلسلو پڻ جاري آهي. ڪئمپ تي موجود مغوي جي پي شاهه علي پٺاڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ستن ڏينهن کان منهنجو پٽ هٿياربندن وٽ يرغمال بڻيل آهي، پوليس پاران رڳو دلاسا ڏنا پيا وڃن، پوليس پاران ورتل بار بار مهلت جي باوجود مغوي بازياب نه ٿي سگهيو آهي. ان لاءِ مجبور ٿي شهر ۾ شٽر بند هڙتال ڪرائي احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي. هن چيو ته انتظاميا ۾ ڪو آسرو ناهي، مجبور ٿي مغوي جي بازيابي تائين سنڌ پنجاب دنگ تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪرڻ لاءِ صلاح مشورو جاري آهي. ٻي طرف گڊو شهر ۾ وڌندڙ بدامني ۽ شهري گل شيخ مٿان داخل ڪيس ۽ گرفتاري خلاف شهري ايڪشن ڪاميٽي گڊو جي چيئرمين عبدالستار مزاري جي اڳواڻي علامتي بک هڙتال جاري آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي عبدالستار مزاري چيو ته شهر ۾ وڌندڙ بدامني جو ذميوار گڊو ٿاڻي جو ايس ايڇ او منظور احمد لغاري آهي، جنهن کي هٽائي گڊو ۾ امن امان بحال ڪيو وڃي ان صورتحال تي موقف وٺڻ لاءِ رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او گڊو منظور احمد لغاري ٻڌايو ته پوليس جون ڪوششون جاري آهن، مغوي کي جلد بازياب ڪرايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button