سنڌ

پنجاب جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر جي گرفتاري خلاف ڪشمور ۾ شٽربند هڙتال

ڪشمور ۾ سردار دائود جان مزاري ۽ مزاري برادري جي شهرين پنجاب اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر سردار دوست محمد مزاري تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ ۽ گرفتار ڪرڻ خلاف ڪشمور ۾ شٽر بند هڙتال ڪري پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.احتجاج ڪندڙن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کنيل هئا ۽ انهن تي پنجاب حڪومت خلاف نعرا درج هئا. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن کي خطاب ڪندي سردار دائود جان مزاري چيو آهي ته پنجاب حڪومت انتقامي ڪارروايون ڪري رهي آهي، جنهن جي. سخت لفظن ۾ مذمت ڪريان ٿو، اسان موجوده حڪومت کان مطالبو ٿا ڪريون ٿا ته فوري طور نوٽيس وٺي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري کي آزاد ڪيو وڃي. سردار دوست محمد مزاري خلاف داخل ڪيل ڪيس ختم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button