سنڌ

ڳڙهي خدابخش ۾ شارٽ سرڪٽ سبب بازار کي باهه، 35 دڪان سڙي رک

ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ شهيدن جي مزار ٻاهران قائم ڪيل بازار کي بجلي جي شارٽ سرڪٽ مان باهه لڳي وئي. ڏسندي ئي ڏسندي باهه سمورن دوڪانن کي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو، جنهن ڪري بازار ۾ قائم ڪيل 30 کان 35 دوڪان سڙي خاڪ ٿي ويا. سڙي ويل دڪانن ۾ڪاسميٽڪ, آرٽيفيشل جوئلري، رانديڪن، چوڙين سميت ڪولڊرنڪس ۽ ھوٽل شامل آھن. اهي دڪان لڪڙن ۽ پترن سان جوڙيل ھئا، جنهن ڪري دوڪانن ۾ پيل لکين روپين جو سامان به سڙي خاڪ ٿي ويو. متاثر دوڪاندارن نادر لغاري، عاشق لغاري، اڪبر ڀٽو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اسان جي دوڪانن کي بجلي جي شارٽ سرڪٽ ٿيڻ سبب اوچتو باهه لڳي وئي، جنهن ڪري سمورا دوڪان سڙي خاڪ ٿي ويا آهن ۽ اسان جو لکين روپين جو نقصان ٿيو آهي. هنن پ پ چيئرمين بلال ڀٽو، ايم پي اي فريال ٽالپر ۽ ٻين وسوارن کي اپيل ڪئي ته اسان جي دوڪانن کي ٻيو ڀيرو باهه لڳي آهي، اسان جي مالي سهائتا ڪري اسان جي ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي. اسان جي ٻچڙن جي پيٽ گذر جو واحد هڪ ئي سهارو دوڪان هئا، جيڪي سڙي خاڪ ٿي ويا آهن. ٻئي طرف ڳڙھي خدابخش ڀٽو ۾ دڪانن کي لڳل باهه واري معاملي تي ڊي ايس پي شاھجھان رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو آھي ته بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب دڪانن کي باهه لڳي آھي، واقعي جي اطلاع ملڻ شرط اسان واقعي واري هنڌ پهتا آهيون ۽ فائربرگيڊ گاڏين پهچي باهه وسائي ڇڏي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button