باقراڻي ويجهو ڳوٺ ڪنبي ۾ واڍڪو ڪم ڪندڙ نوجوان ڪاريگر نياز علي سومرو مٿان سندس ڳوٺ جي نوجوان جميل شيخ وڌيڪ مزدوري وٺڻ جو الزام هڻي مٿس حملو ڪري لٺين جو وسڪارو لائي ڏنو، لٺين لڳڻ سبب نوجوان زخمي ٿي پيو. زخمي نوجوان باقراڻي ٿاڻي تي جوابدار جميل شيخ خلاف اين سي داخل ڪرائي. هوڏانهن زخمي نياز علي سومرو پنهنجي ما ماروي سميت پريس ڪلب اڳيان جوابدار خلاف احتجاج ڪندي الزام هنيو ته ڳوٺ جي ڏوهاري بدمست نوجوان جميل شيخ گهران سڏ ڪري لٺين سان حملو ڪري زخمي ڪيو ۽ منهنجي مٿان پسٽل جا فائر ڪيا، مون ڀڄي جان بچائي. ھن چيو ته جوابدار جميل جي پڦي جي گهر جي دروازي ۽ درين جي مرمت جي مزدوري جا 3 هزار ورتا هئا جنهن تي جوابدار ڏمرجي چيو ته تون وڌيڪ مزدوري جا پئسا ورتا آهن جن مان 15 سئو مونکي واپس ڏي انڪار تي منهنجي مٿان فائرنگ ڪري لٺيون هنيون. هن چيو ته جوابدار خلاف باقراڻي ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آهي، پوليس جوابدار جي ڀاءُ ظهور شيخ کي گرفتار ڪري ڏيتي ليتي بعد ڇڏي ڏنو. هن ڊي آ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کان مطالبو ڪيو ته واقعي جي جاچ ڪرائي حملو ڪندڙ جوابدارکي گرفتار ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close