سنڌ

ڪراچي ۾ ذهني معذور ڇوڪري سان زيادتي،جوابدار گرفتار

ڪراچي ۾ نوجوان ذهني معذور ڇوڪري سان زيادتي ڪئي وئي، پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. ايڪسپريس نيوز موجب ڪراچي جي محمود آباد ڪشمير ڪالوني ۾ 18 ورهين جي ذهني معذور ڇوڪري سان زيادتي جو شرمناڪ واقعو پيش آيو آهي. ايس ايڇ او اعجاز پٺاڻ ايڪسپريس کي ٻڌايو ته متاثر ڇوڪري جي ماءُ کيس ٿاڻي تي آندو ۽ پوليس کي ٻڌايو ته سندس ذهني معذور ڌيءَ سان زيادتي ڪئي وئي آهي. ايس ايڇ او جو چوڻ هو ته متاثر ڇوڪري سان ان وقت زيادتي ڪئي وئي، جڏهن هوءَ گهر ۾ اڪيلي هئي ۽ ننڍو ڀاءُ مدرسي ويو هو، جڏهن ته ماءُ ڊفينس ۾ بنگلي ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ وئي هئي. هوڏانهن شروعاتي طور تي زيادتي جون شاهديون مليون آهن، پوليس فوري طور تي ڇوڪري کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ته جيئن نينگري جو طبي معائنو ٿي سگهي، پوليس حتمي رپورٽ جو انتظار ڪري رهي آهي. هوڏانهن محمود آباد ٿاڻي جي پوليس ڪشمير ڪالونيءَ ۾ ذهني معذور 18 ورهين جي ڇوڪري سان زيادتي ڪرڻ جي ڪيس ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جوابدار جي خلاف متاثر ناريءَ جي ما ڪيس داخل ڪرايو هو، جنهن فرياد ۾ ڄاڻايو آهي ته اها هڪ غريب عورت آهي ۽ ماڻهن جي گهرن ۾ ڪم ڪري پيٽ گذر ڪندي آهي، 31 آڪٽوبر جي ڏينهن اها ڪم تي وئي ته جوابدار گهر ۾ داخل ٿي ڌي سان زيادتي ڪئي ۽ فرار ٿي ويو. پوليس ناريءَ جو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرائي ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button