پاڪستانسنڌ

ڇاڇري ۾ چورين ۽ وڻن جي واڍي خلاف هاري ڪميٽي جو احتجاج

ڇاڇرو: ڇاڇرو ۾ سنڌ هاري ڪميٽي جي سڏ تي سوين ڪارڪنن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڪامريڊ ڏامرو مل ۽ ڪامريڊ اقبال جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو. ڪيترن ئي ڪارڪنن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي زبردست نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ڪامريڊ اقبال چيو ته ٿر جهڙي پرامن علائقي ۾ بدامني عروج تي پهچي چڪي آهي، چوپائي مال جي چوري عام آهي، هاڻ گهرن اندر به ڌاڙا پيا لڳن، پاڻي جي اسڪيمن تي لڳل شمشي توانائي جون پليٽون به چوري ٿي رهيون آهن. ڳوٺ ڦانگھاريو ۾ سولر پليٽون چوري ٿي ويون، ڳوٺاڻا هاڻي پاڻي ڪٿان آڻين، پوليس خبر هوندي به بااثر چورن ۽ پاٿاريدارن خلاف ڪارروائي نٿي ڪري، سنڌ جا لکين هاري ۽ پورهيت سورن جي دلدل ۾ ڦاٿل آهن، هتي سرڪاري وڏيري جي ماتحت آفيسر شاهي جو راڄ آهي، انساني حقن جي سنگين لتاڙ ٿي رهي آهي، پر ڪير به پڇڻ وارو ناهي. ڪامريڊ ڏامرو مل چيو ته ٿر جي ڳوٺ مٺاتڙ ۾ غريب هاري نول عرف هوٿي کي پنهنجي ٻني ۾ ڳوٺ جي بااثرن برڪت، جاني، ارشد ۽ بلال مارڪٽ ڪري بيهوش ڪري ڇڏيو، جنهن جي دانهن ڇاڇرو جي ايس ايڇ او ۽ ايس ايس پي آفيس ۾ ڏيڻ باوجود اڄ تائين پوليس ڪا ڪارروائي ناهي ڪئي. شهر ۾ وياج جو سرعام ڪاروبار هلي رهيو آهي، سنڌ هاري ڪميٽي مسلسل انهي ناسور خلاف احتجاج ڪيا، پر ڪنهن به نوٽيس نه ورتو. هن چيو ته ٿر جي ٽن ٿاڻن ڇاڇرو، کينسر ۽ کيمي جو پار جي حدن ۾ وڻن جي واڍي وڏي پيماني تي هلي رهي آهي، سوين آرا مشينون پوليس جي سرپرستي هيٺ هلي رهيون آهن، وڻن جي واڍي سبب موسمياتي تبديلي جي خطرن هيٺ آهيون. ڳوٺ ڪنڀي جي ڍاڻي ۾ 60 قديمي وڻ وڍيا ويا، درخواستون ڏيڻ باوجود ڊي سي ڪارروائي نٿو ڪري. آخر ۾ اڳواڻن ڪامريڊ آتم، ڪامريڊ بانڪو مل، نول ۽ ٻين سان گڏ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، ڪمشنر ميرپورخاص، ڊي آئي جي ميرپورخاص ايس ايس پي ٿر ۽ ڊي سي کان مطالبو ڪيو ته سماجي براين خلاف قدم کنيو وڃي ۽ هارين جا مسئلا حل ڪيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button