سنڌ

ڪراچي ۾ مڙس ڳورهاري زال کي پيٽ ۾ لتون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

ڪراچي ۾ شاهه فيصل ڪالوني ۾ مڙس ٽن مهينن جي ڳورهاري زال کي پيٽ ۾ لتون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. تفصيل مطابق ڪراچي جي علائقي شاهه فيصل ڪالوني ۾ لڱ ڪانڊاريندڙ واقعو پيش آيو، پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته جناح اسپتال ۾ مقتول عورت جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو. مقتول عورت جي ڀاءُ سرفراز ٻڌايو ته ڀيڻ جا ٽي ٻار آهن ۽ ٽن مهينن جي ڳورهاري هئي. ڀيڻويو ڀيڻ تي تشدد ڪندو هو. ڀيڻ جو چوڻ هو ته صبح ٻارڙي کي اسڪول ڇڏي واپس آيو ۽ مارڪٽ شروع ڪري ڏني، منهنجي ڀيڻ امان کي فون ڪيو ۽ کيس گهر گهرايو امان جيئن ئي گهر پهتي ته ان ما تي به تشدد ڪرڻ شروع ڪيو. سرفراز ٻڌايو ته جوابدار امان کي ڌڪو ڏنو ۽ ڀيڻ جي پيٽ ۾ لتون هڻي گهر مان ڀڄي ويو. ڀيڻويو محمد علي نشي جو عادي آهي، جڏهن ته ڀيڻ جي سس تسليم نه ڪندي هئي ته نشو ڪري ٿو، پئسا نه ملڻ تي وڙهندو هو. مقتول عورت جي ڀاءُ ٻڌايو ته محمد علي ڀيڻ کي ماريو ۽ ڀڄي ويو، ڀيڻ کي جناح اسپتال مان منتقل ڪيو پر هو فوت ٿي چڪي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button