سنڌ

سياستدان ڪنهن جا هٿيار بڻجي ملڪ کي ته نقصان نه پيا پهچائين: پيرپاڳارو

پاڪستان مسلم ليگ فڪشنل جي سربراهه ۽ حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳارو چيو آهي ته سياست نه پر ملڪ بچائڻو آهي، سياستدان ڪنهن جو هٿيار بڻجي ملڪ کي ته نقصان نه پيو پهچائي؟ اڱاري تي سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري پير پاڳاري سان سندس گهر راجا هائوس تي اهم ملاقات ڪئي. هي ان جي هڪ هفتي ۾ پير پاڳارو سان ٻي اهم ملاقات آهي، ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن پاڪ فوج جي خلاف زهر اوڳاڇڻ جي مذمت ڪئي وئي. پيرپاڳاري چيو ته مان، منهنجو خاندان ۽ حر جماعت پاڪ فوج سان گڏ بيٺي آهي، اڄ ڀارت پاڪستان ۽ ان جي ادارن کي اکيون ڏيکاري رهيو آهي. منهنجو والد 1954 کان پاڪ فوج سان گڏ بيٺو رهيو. هن چيو ته ڪشميرين جي قاتل ڀارت جي جرئت ڪيئن ٿي ته اهو اسان جي ادارن تي تنقيد ڪري، هن وقت سياست نه پر ملڪ بچائڻو آهي، سياستدانن کي سوچڻو پوندو ته اهي ڪنهن جا هٿيار بڻجي ملڪ کي ته نقصان نه پهچائين؟ پير پاڳارو چيو ته مان فوج کي پنهنجو خاندان سمجهان ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button