سنڌ

ڪراچي ۾ قومپرست اڳواڻن سميت 200 ماڻهن خلاف ڪيس داخل

ڪراچي ۾ آرٽلري ميدان پوليس رياست ۽ رياستي ادارن جي خلاف نعرا لڳائڻ ۽ مظاهرين کي ڀڙڪائڻ جي الزام ۾ مختلف قومپرست پارٽين جي 8 گهربل جوابدارن سميت اٽڪل 200 ماڻهن جي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو. آرٽلري ميدان پوليس ۾ مقرر سب انسپيڪٽر نئرڊين پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته 30 آڪٽوبر 2022 تي هو ڊيوٽي جي سلسلي ۾ ڪراچي پريس ڪلب تي موجود هو ته اٽڪل 12 لکي 15 منٽن تي سنڌ سڀا پارٽي، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ڪراچي ڊيوزن ۽ سجاڳي فورم ڪراچي ڊويزن جي قيادت ۾ انعام عباسي، الاهي بخش بڪڪ، سارنگ جويو، اعجاز سامٽيو، آزاد جتوئي، نظام نوراني، مجيد لنڊ ۽ رشيد کوسو سميت ٻيا 180 کان 200 ماڻهو مظاهرو ڪرڻ لاءِ ڪراچي پريس ڪلب آيا، جن احتجاج دوران تقريرون ڪري مظاهرين رياست ۽ رياستي ادارن جي خلاف نعريبازي ڪندا رهيا. مظاهرين کي حملي لاءِ ڀڙڪائڻ جي ڪوشش کان پوءِ اٽڪل شام 5 لڳي 35 منٽن تي هي سمورا ماڻهو ڇڙوڇڙ ٿي ويا. ڄاڻايل جوابدارن جي خلاف اعليٰ آفيسرن جي هدايت تي ڪيس داخل ڪري جاچ آرٽلري ميدان ٿاڻي جي انچارج تفتيش شعبي جي حوالي ڪئي وئي، آهي، جڏهن ته ڪيس جي ڪاپي سمورن لاڳاپيل ادارن کي اماڻي وئي آهي. هوڏانهن سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه مڇر ڪالوني ۾ بيدردي سان قتل ٿيل ايمن سعيد ۽ اسحاق پنهور جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪراچي پريس ڪلب تي پرامن احتجاج ڪرڻ تي ايس يو پي جي نائب صدر اعجاز سامٽيو ۽ ٻين خلاف داخل ڪيس کي انتقامي ۽ سرڪاري بدمعاشي قرار ڏئي سخت مذمت ڪئي آهي. سيد زين شاهه ڪيس کي بي بنياد قرار ڏيندي ان کي سياسي انتقام قرار ڏنو. ڪراچي مان جاري ڪيل بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته ايمن سعيد ۽ اسحاق پنهور جي قتل خلاف پرامن احتجاج ڪرڻ تي اعجاز سامٽيو ۽ ٻين خلاف ايف آءِ آر داخل ڪري انتظاميا سنڌ جي شعور کي خوفزده ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پرامن احتجاج تي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ حڪمران جماعت جي وائڙپ جي نشاني آهي. هن چيو ته هڪ طرف سنڌ جي شهرين کي بيدردي سان قتل ڪيو پيو وڃي ته ٻئي طرف سندن لاءِ آواز اٿارڻ تي ڪيس داخل ڪري اسان جي پرامن آواز کي خاموش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. سنڌ حڪومت انتقامي ڪاروائي ۾ انڌي ٿي وئي آهي. اسان جيلن ۽ ڪيسن کان نٿا ڊڄون.هن چيو ته پوليس سنڌ حڪومت جي بي ٽيم بڻجي وئي آهي، ادارن کي سياسي انتقام لاءِ استعمال ڪرڻ مذمت جوڳو عمل آهي، سيد زين شاهه چيو ته پيپلز پارٽي انتقامي سياست کي پنهنجي عادت بڻائي ڇڏيو آهي، پرامن جدوجهد کي ناڪاري حڪمت عملين ذريعي روڪي نٿو سگهجي. حڪمرانن ۽ انتظاميا جي اهڙي عمل سان صورتحال وڌيڪ خراب ٿيندي. هن چيو ته اعجاز سامٽيو ۽ ٻين خلاف ڪوڙي ايف آءِ آر سنڌ حڪومت جو چهرو بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته هو پنهنجي ڪارڪنن سان ظلم برداشت نه ڪندا. هن چيو ته جيڪڏهن بي بنياد ڪيس خارج نه ڪيو ويو ته سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي مستقبل جو لائحه عمل طئه ڪندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button