پاڪستانسنڌ

ڊگهڙي ۾ پوليس جو ڇاپو، ٻارن سميت 19 هاري بازياب

ڊگهڙي: ڊگهڙي پوليس عدالتي حڪم تي ڪڇي ڳوٺ ۾ زميندار رمضان آرائين جي زرعي زمين تي مبينا نجي جيل تي ڇاپو هڻي ناحق باندي بڻيل ٻارن سميت 19 هارين کي بازياب ڪرائي ٿاڻي تي آندو، جن ۾ عورتون به شامل آهن. پيرسن عورت نوو زال ڀيمجي ڪولهي سيشن ڪورٽ ميرپورخاص ۾ درخواست جمع ڪرائي هئي ته زميندار منهنجي ڪل 20 گهرڀاتين کي پنهنجي زمين تي ناحق باندي بڻايو آهي،. ڪورٽ ڊگهڙي پوليس کي حڪم جاري ڪيو ته درخواستگذار جي گهرڀاتي هارين کي بازياب ڪرائي پيش ڪيو وڃي. جنهن بعد پوليس زميندار جي مبينا نجي جيل تي ڇاپو هڻي 60 سالن جي پيرسن ڀيمجي ڪولهي، 40 سالن جي مانجهي ڪولهي، 35 ورهين جي چيتن ڪولهي، 35 ورهين جي ڏيالو ڪولهي، 33 ورهين جي نانجي ڪولهي، 30 ورهين جي جيٺي زال منجي، 35 ورهين جي صاحبان زال ڏيالو، 20 ورهين جي هريش ڪولهي، 10 ورهين جي هستو، 8 ورهين جي دليپ، نيلان ڪولهي، 8 ورهين جي کيمي، 2 ورهين جي ڀاڳچند ڪولهي، 10 ڏينهن جي معصوم نياڻي لڇمي ۽ ٻين کي بازياب ڪرايو ۽ ٿاڻي تي آندو. بازياب ٿيل پورهيت چيتن موجب منهنجي گهرواري ڳورهاري چاندني منهنجي مرضي سان ويم لا سهري وٽ ترسيل آهي، جيڪا بازياب ڪرايل هارين ۾ شامل ناهي. هوڏانهن پوليس ٻڌايو ته بازياب ڪرايل هارين کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button