سنڌ

ٻارن تي تشدد جا واقعا روڪڻ لا قدم کنيا وڃن:شهلا رضا

سنڌ جي عورتن جي ترقي واري صوبائي وزير شهلا رضا ملير جي علائقي شاهه لطيف ٽائون ۾ پنهنجي ماما ۽ مامي جي تشدد ۾ زخمي ٿيل نينگري جي اين آءِ سي ايڇ ۾ عيادت ڪئي ۽ متاثر ٻارڙي جي ماءُ سان پڻ ملاقات ڪئي. هن متاثر ڇوڪري جي ماءُ کي هر ممڪن طبي ۽ قانوني مدد فراهم ڪرڻ جو پڻ يقين ڏياريو. صوبائي وزير نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ اين آءِ سي ايڇ جي ڊائريڪٽر سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ متاثر نينگري کي سموريون طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ان موقعي تي هر ايس پي جاچ آفيسر ملير پڻ موجود هو. شهلا رضا ڊي جي چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي سنڌ سان ٽيليفون تي رابطو ڪري ٻارن تي تشدد ۽ ڏاڍائي جي وڌندڙ واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي کين هدايت ڪئي ته هو ٻارن تي تشدد ۽ ڏاڍائي جي واقعن خلاف گڏيل حڪمت عملي جوڙين. هن چيو ته ٻار اسان جو مستقبل آهن، انهن کي چند بگھڙن جهڙن انسانن جي رحم ڪرم تي نٿو ڇڏي سگهجي. هن ڊي جي چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي سنڌ کي پڻ هدايت ڪئي ته هو ٻارن سان ڏاڍائي جي واقعن خلاف قدم کڻن ۽ ڪيس داخل ڪرڻ تي سخت ضابطو آڻي. هن چيو ته والدين کي پنهنجي ٻارن جي حفاظت لاءِ پنهنجي آس پاس جي ماحول تي نظر رکڻ جي سخت ضرورت آهي ڇو ته اڪثر ٻار پاڻ ئي ظلم ۽ ڏاڍائي جو شڪار ٿين ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button