سنڌ

عمران نيازي خوني لانگ مارچ ڪري عوام جو رت وهائڻ چاهي ٿو:شازيا مري

غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري شازيه عطا مري ڪلفٽن ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان پاڪستان ۾ خونريزي ڏسڻ چاهي ٿو. هو اصولي شخص ناهي، هن جي فطرت ۾ نه آئيني اصول آهن ۽ نه جمهوريت ان جي فطرت ۾ آهي. هن چيو ته عمران نيازي جهڙو ناڪام ۽ ڪنفيوز شخص اقتدار کسجڻ کان پوءِ پاڪستان ۾ مارشل لا جو مطالبو ڪري رهيو آهي، جنهن طرح عمران نيازي کي اقتدار تان هٽايو ويو آهي، هو ڪرسي ۽ اقتدار لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃڻ لاءِ تيار آهي. هو پنهنجي ٻارن کي لنڊن ۾ بچائي محفوظ ڪري قوم جي ٻارن کي استعمال ڪرڻ چاهي ٿو. عمران خان نه ته آئين ۽ نه ئي جمهوريت تي هلندو آهي ۽ اسان ملڪ ۾ جمهوريت ۽ ان جي بحالي لاءِ باهه ۽ طوفان سان کيڏيا آهيون. عمران خان هڪ خود غرض ماڻهو آهي، جنهن کي ملڪ ۾ عوام جي پريشانين ۽ مسئلن سان ڪوبه غرض ناهي.اسان ملڪ ۾ مارشل لا لاڳوڪرڻ واري سندس بيان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا ۽ ان کي رد ڪيون ٿا. هن چيو ته عمران خان اقتدار کسجڻ جي ڪاوڙ پاڪستان جي عوام تي ڪڍي رهيو آهي، هو اقتدار لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃڻ لاءِ تيار آهن. ملڪ اندر رتو ڇاڻ چاهي ٿو، کائنس پڇيو وڃي ته ملڪ ۾ رتوڇاڻ جو مطلب ڇا آهي؟ کانئس پڇيو وڃي ته ملڪ ۾ مارشل لا لڳائڻ جو بيان ڇو ڏنو ۽ عمران خان اڃ به چاهي ٿو ته پاڪستان جو وزيراعظم بڻجي وڃي. هن چيو ته عمران نيازي کي هيلي ڪاپٽر جامزا لڳل هئا. هن اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ وڏاڪوڙا اعلان ڪيا، پر اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ هن سڀ کان وڏوڪم بني گالا کان وزيراعظم هائوس تائين هيلي ڪاپٽر ذريعي سفر ڪيو، جنهن تي سندس وزير وضاحتون ڏيندا هئا. هن چيو ته عام چونڊون قانون موجب ڪرايون وينديون، ڪنهن جي پريشرَ ۾ نه ڪرائينداسين، عمران نيازي خوني لانگ مارچ ڪري عوام جو رت وهائڻ چاهي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button