سنڌ

ٻوڏ سبب 20 لک ٻارن جي تعليم متاثر ٿي آهي:سردار شاهه

سنڌ جي تعليم ۽ ثقافت واري صوبائي وزير سردار شاهه وڊيو لنڪ ذريعي يونيسيف ايجوڪيشن پارٽنرز گروپ پاران منعقد ڪيل هنگامي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ماحولياتي تبديليءَ سبب ٿيل لڏ پلاڻ واري موضوع تي ٿيندڙ عالمي ڊونر ڪانفرنس ۾ پاڪستان ۾ ٻوڏ ۽ آفريڪا ۾ ڏڪار سبب متاثر ٻارن جي تعليم جي بحالي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار شاهه پاڪستان جي نمائندگي ڪئي ۽ خاص طور تي عالمي برادري کي سنڌ ۾ ٻوڏ سبب ٿيل تعليمي نقصان کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جي تعليم واري وزير چيو ته ٻوڏ سبب 20 لک ٻارن جي تعليم متاثر ٿي آهي. جن مان 46 سيڪڙو ڇوڪرين جي تعليم متاثر ٿي آهي. سردار شاهه عالمي ڊونر ڪميونٽي کي ٻڌايو ته سنڌ ۾ 20602 اسڪولن جي عمارتن کي نقصان پهتو آهي. جڏهن ته بحاليءَ جي عمل دوران ٻوڏ سبب ڪمزور عمارتن ۾ ٻارن کي نٿو ويهاري سگهجي. هن چيو ته ڪافي اسڪولن جون عمارتون ڪمزور ٿي ويون آهن ۽ حفاظتي معيار جي حساب سان استعمال جي قابل ناهن رھيون. تعليم واري صوبائي وزير چيو ته هن وقت سڀ کان وڏو چئلينج تدريسي عمل جي بحالي آهي. اسان کي هن وقت ٽينٽ ڪلاس شروع ڪرڻ جي لاءِ 20 هزار ٽينٽن جي ضرورت آهي. يونيسيف جي ايجوڪيشن پارٽنرز گروپ ڪانفرنس ۾ عالمي برادري پاران سنڌ ۾ فلڊ ريسپانس جي واکاڻ ڪئي ۽ صوبائي حڪومت جي قدمن کي ساراهيندي چيو ته درست ڊيٽا جي ڪري سنڌ ۾ امداد ۽ بحاليءَ جي ڪمن ۾ آساني ٿي رهي آهي ۽ سنڌ پنهنجو ڪيس درست انداز ۾ پيش ڪيو آهي. سنڌ جي تعليم واري وزير گلوبل پارٽنر کي ٻڌايو ته ماحولياتي تبديلين سبب اسان کي مستقبل ۾ اسڪولن لاءِ اهڙيون عمارتون ٺاهڻيون پونديون، جن تي موسمي اثر گهٽ ۾ گهٽ ٿين. ھن چيو ته اسان پنھنجن ٻارن کي محفوظ ۽ پائيدار ماحول ڏيڻ چاھيون ٿا ته جيئن ڪنھن به قدرتي آفت جي صورت ۾ تعليم جو سلسلو بحال رکي سگھجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button