پاڪستانسنڌ

ڪي اين شاهه واسي نوجوان کي کنڀڻ خلاف نوابشاهه ۾ مظاهرو

نوابشاھه: 12 ڏينھن اڳ انٽري ٽيسٽ جي تياري لاءِ ويل خيرپور ناٿن شاهه جي ڳوٺ ڪريم داد لنڊ جي رھواسي نوجوان محمد افضل لنڊ کي حيدرآباد مان جبري طور کنڀي گم ڪرڻ خلاف ڀاءُ محمد وسيم لنڊ، دوستن ذوالفقار ۽ ريحان سنڌي جي اڳواڻي نوابشاھه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته محمد افضل لنڊ جيڪو ڳوٺان انٽري ٽيسٽ جي تياري لاءِ حيدرآباد ويو جتي ھو ايم بي ھاسٽل تي رھندو ھو جتان ڪجھه نامعلوم ماڻھو پوليس سان گڏ اسان جي نوجوان محمد افضل لنڊ کي ھاسٽل تان زبردستي گرفتار ڪري کي گم ڪري ڇڏيو آهي، ھنن چيو ته محمد افضل لنڊ ھڪ پڙھيل لکيل نوجوان آھي ان کي اھڙي طرح سان کنڀي گم ڪرڻ انتھائي شرمناڪ عمل آهي، ھنن چيو ته محمد افضل لنڊ تي جيڪڏهن ڪو ڪيس آھي ته ان کي پاڪستان کي قانون ۽ آئين مطابق عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، ھنن مطالبو ڪيو ته اسان جي نوجوان کي جلد کان جلد ظاھر ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button