سنڌ

اياز ڀٽو سيد جي قافلي جو سچو سپاھي ھو:صنعان قريشي

جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي عرضي ڀٽو پھچي ڪجھه ڏينھن اڳ دماغي ڪينسر سبب فوت ٿيل قومي ڪارڪن اياز ڀٽو جي وارثن محمد ادريس ڀٽو ۽ ٻين پونئيرن سان تعزيت ڪندي اياز ڀٽو جي وڇوڙي تي گھري ڏک جو اظھار ڪيو. ان موقعي تي صنعان خان قريشي چيو ته اياز ڀٽو سيد جي قافلي جو سچو سپاھي ھو، سندس جي بابا شھيد بشير خان قريشي سان پڻ تمام گھڻي ويجھڙائي ھوندي ھئي. اياز ڀٽو جي سماجي ڪمن ۾ ڪيل خدمتون وساري نـ ٿيون سگھجن. اڄلڪھ جي دور ۾ اھڙا ماڻھو گھٽ آھن، جيڪي پنھنجي زندگي ٻين لا جيئن ۽ ٻين جي ڪم اچن صنعان خان چيو ته اياز ڀٽو جون خدمتون تاريخ ۾ ھميشه ياد رکيون وينديون. ان موقعي تي مومن سمون، نذير پٺاڻ، بشير ڀٽو، وحيد چانڊيو، حاجن لانگاهه، ااشو ڀٽو، عبدالجبار ڀٽو ۽ ٻيا گڏ ھئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button