سنڌ

جي ڊي اي ڪمزور نه پر وڌيڪ مضبوط ٿي رهي آهي:صفدر عباسي

جي ڊي اي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر عباسي ميرو خان پهچي تعلقه پريس ڪلب جي صدر محمد صفر گوپانگ سان سندس مفا جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ڊاڪٽر صفدر عباسي ڳالهائيندي چيو ته جي ڊي اي سنڌ ۾ ڪمزور نه پر وڌيڪ مضبوط ٿي رهي آهي. هن چيو ته سنڌ جي ڪافي ضلعن ۾ جي ڊي اي پاران رابطا ڪاميٽيون تشڪيل ڏيڻ لاءِ ضلعي ڪنوينر مقرر ڪيا ويا آهن. هن چيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ به ميدان خالي نه ڇڏبو ۽ جي ڊي اي جي چونڊ نشان سان پيپلزپارٽي جو ڄمي مقابلو ڪبو. هن جو چوڻ هو ته بلدياتي اليڪشن ۾ جي ڊي اي جي پليٽ فارم تان پيپلزپارٽي کي ٽف ٽائيم ۽ ڪجھ هنڌن تي شڪست پڻ ڏني.هن چيو ته لاڙڪاڻو پيپلزپارٽي جو گهر آهي جتان معظم عباسي 2 ڀيرا پ پ اميدوارن کي تاريخي شڪست ڏني. معظم عباسي جي هر ڪم ۾ رڪاوٽون وجهي کيس ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن ڪري هن استعيفيى ڏيئي ڇڏي. اڙڪاڻي واري سيٽ تي ٻيهر اليڪشن ٿي ته ٽيون ڀيرو به پيپلزپارٽي کي شڪست ڏئي هيٽرڪ ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪنداسين. هن چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ جي سڄڻ هجي ها ته ٻوڏ دوران عوام جي مدد ڪري ها پر هو ان مشڪل وقت ۾ مڪمل طور ناڪام وئي. جنهن جو فائدو ايندڙ اليڪشن ۾ جي ڊي اي ۽ ِٻين سياسي جماعتن کي ٿيندو. ان موقعي تي نياز مستوئي، منور ڪلهوڙو ۽ ٻيا موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button