سنڌ

نصير آباد جي صحافي تي حملو ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج

نصير آباد جي سينيئر صحافي بشير احمد لغاري تي حملو ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف صحافين جي سڏ تي شهري اتحاد سميت مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن پريس ڪلب کان احتجاجي ريلي ڪڍي ٿاڻي جي مين گيٽ اڳيان ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي اڳواڻن ممتاز لنجواڻي، اڪرم شيخ، انجنيئر احمد بخش ڏيپر، بشير بروھي، سينگار نوناري، معشوق ڦلپوٽو، عبدالوهاب بروھي، رياض ڦلپوٽو، دلدار ايري، انعام ڪانڌڙو ۽ ٻِين دانهيندي چيو ته صحافي بشيراحمد لغاري مٿان قاتلاڻو حملو ۽ ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار اڃا تائين نه ٿيا آهن. گذريل ڏينھن نامعلوم نمبر تان ڊي ايس پي نصيرآباد جي موجودگي ۾ موتمار ڌمڪيون ڏنيون ويون. ان باوجود پوليس ھن وقت تائين جوابدارن کي گرفتار ناھي ڪري سگھي. صحافين ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کان مطالبو ڪيو ته سينيئر صحافي تي حملو ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button