سنڌ

قمبر ۾ نصيرآباد واسي آئي بي اي پاس اميدوارن جو احتجاج

قمبر ۾ تعلقي نصيرآباد جي آئي بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن ڊي سي آفيس ۽ ڊي اي او آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. اُن موقعي تي احتجاج جي اڳواڻي ڪندي ذوهيب سيال، نويد سوهو، ثقلين مشتاق ۽ پ ٽ الف تعلقي نصيرآباد صدر محمد علي واهوچو، جنرل سيڪريٽري عبدالوهاب بروهي ۽ ٻين دانهيندي چيو آهي ته آئي بي اي ۾ ٽيسٽ 40 کان 54 تائين جي تعلقي نصيرآباد جي پاس اميدوارن کي آفرڊر ڏنا وڃن. ۽ تعلقي نصيرآباد جي ايس اين اِي ظاهر ڪئي وڃي. هنن سيڪيريٽري تعليم ۽ وزير تعليم سنڌ کان مطالبو ڪيو ته اسان پاس اميدوارن کي آفر آرڊر ڏئي بي چيني ختم ڪئي وڃي نه ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button