سنڌ

گڊو مان اغوا ٿيل ٻار بازياب نه ٿيو، وارثن جو ڌرڻو

گڊو جي پٺاڻ پاڙي مان 7 ڏينهن اڳ موٽر سائيڪل سوار نامعلوم جوابدارن پاران گهر ٻاهران راند ڪندي اغوا ڪيل 5 ورھين جو معصوم ٻارڙو سرفراز پٺاڻ بازياب نه ٿي سگهيو آهي، جنهن سبب مغوي ٻارڙي جي وارثن جي وارثن جي سڏ تي پٺاڻ برادري توڙي شھرين سون جي تعداد ۾ گڏ ٿي سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي دنگ ديرا موڙ وٽ مراد واهه پل ڀرسان نيشنل ھاءِ وي تي غلام رسول پٺاڻ، عمر پٺاڻ، ڊاڪٽر رحمت خان پٺاڻ، ايوب خان پٺاڻ جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ڌرڻي ۾ ايم پي ڪشمور حاجي عبدالرئوف کوسو، شھري اتحاد ڪنڌڪوٽ جي چيئرمين آغا شمس الدين پٺاڻ شرڪت ڪئي. جڏهن ته سنڌ، پنجاب، بلوچستان جي دنگ ڊيرا موڙ وٽ لڳل ڌرڻي سبب نيشنل ھاءِ وي بلاڪ ٿيڻ سبب سوين گاڏيون بيھجي ويون، جنهن سبب مسافرن کي سخت تڪليف جو منهن ڏسڻو پيو. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ايم پي اي حاجي عبدالرئوف کوسو چيو ته ڪشمور ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال تمام خراب آهي، روزانو جي بنياد تي اغوا جون وارداتون ٿي رھيون آهن، ڪشمور مان به ڪافي ماڻهو اغوا ٿيل آهن پر 5 ورھين جي معصوم ٻار سرفراز پٺاڻ جي اغوا ٿيڻ تي تمام گهڻو ڏک پهتو آهي، جنهن سبب ڪشمور ضلعي جي اڳوڻي ناظم سردار سليم جان خان مزاري، مان ۽ ھتان جا ٻيا معززين مغوي ٻار جي وارثن وٽ پهچي تفصيل ورتا ۽ شروع کان وٺي مغوي ٻار جي وارثن سان رابطي آھيون ۽ ٻار جي بازيابي لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون. ھن چيو ته پوليس جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ نه آهي، پوليس وڌيڪ محنت ڪري ٻارڙي جي بازيابي کي يقيني بڻائي، جڏهن ته ٻار جي وارثن عمر خان پٺاڻ، ايوب خان پٺاڻ ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته پوليس جي ڪارڪردگي مان مطمئن نه آھيون، 7 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس مغوي معصوم ٻار کي بازياب نه ڪرائي سگهي، جنهن سبب مغوي معصوم ٻار جي گهر ۾ قھرام متل آهي سندس ما کي بيھوشي جا دوران پئجي رھيا آھن پوليس ٻار کي بازياب ڪرائڻ جي ڪوشش ڪرڻ بدران صرف مھلت مٿان مھلت گهري رھي آھي. ھنن چيو ته اسان وٽ پوليس پاڻ محفوظ نه آهي. گذريل ڏينهن ھڪ ايس ايڇ او کي اغوا ڪيو ويو هو ان صورتحال ۾ عام ماڻهن جو ڇا ٿيندو، ڪجھه حيوان ماڻهن ھتان جي امن امان جي صورتحال کي تباهه ڪيو آهي، پوليس بيوس نظر اچي رھي آھي، اسان جي معصوم ٻار کي جان جو خطرو آهي. پوليس ھن وقت تائين مغوي معصوم ٻار جو پتو به نه لڳائي سگهي آهي، ان لاءِ اسين مجبور ٿي سنڌ پنجاب ۽ بلوچستان جي دنگ تي ڌرڻو هڻي پرامن احتجاج رڪارڊ ڪرائي رھيا آھيون جيستائين اسان جي مغوي ٻار کي بازياب نه ڪرايو ويندو اسان جو ڌرڻو جاري رهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button