سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز جي ڪلارڪن جو احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ ڊائريڪٽر ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز جي ڪلارڪن پاران ڊپٽي ڊائريڪٽر جي مبينا زيادتين خلاف آفيس ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي ڪلارڪن منور علي مائري، احسان علي کوکر، غلام رضا سحر، الطاف ڌامراھه ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو آهي ته وڏي عرصي کان سينارٽي لسٽون جنهن ۾ اسان جا پروموشن رڪيل آهن، ان لا اسان پنهنجي ڊپٽي ڊائريڪٽر سيد امتياز شاهه کي گذارش ڪئي ته اسان جون لسٽون صحيح ڪري ڏيو، اسان پنهنجا پروموشن ڪرايون، جنهن کان ڊپٽي ڊائريڪٽر من مستي ڪندي ڪلارڪن کي مارائڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ تي لهي آيو، جنهن بابت اهڙي آگاهي اسان پنهنجي ڊائريڪٽر احمد بخش ڀٽو کي ڏني ۽ مجبور ٿي احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي. هنن چيو ته ڪلارڪن کي ڪو نقصان پهتو ته ان جو ذميوار ڊپٽي ڊائريڪٽر سيد ممتاز علي شاھه ھوندو. هنن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي ڪلارڪن جا جائز مطالبا حل ڪري ڊپٽي ڊائريڪٽر خلاف ڪارروائي ڪري ڇانيل بي چيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button