سنڌ

ڏوڪري جي مختلف ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو

ڏوڪري جي مختلف ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو، ڳوٺن مان پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب ڪيترائي ڳوٺاڻا روڊ، رستن تي کليل آسمان هيٺان ويٺل آھن. ڳوٺ پير شاھه، ڳوٺ خير محمد ميمڻ، پنهل بروهي، پير بخش بروهي، فتح محمد اعواڻ، شير محمد سيهڙو، ابو صمد تنيو ۽ ڍنڍ جي ڳوٺن مان پاڻي نيڪال نہ ٿي سگهيو، جڏهن ته ڪيترن ڳوٺن جو زميني رابطو به ڪاٽا ٿيل آھي، هوڏانهن متاثرن مسعود احمد، منير علي، عامر علي، وحيد سولنگي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته برسات بند ٿيڻ کي ٻن مهينن کان وڌيڪ عرصو گذري ويو پر ضلعي ۽ تعلقي انتظاميا توڙي چونڊيل نمائندن پاڻي ناهي ڪڍرايو، هنن چيو ته چونڊيل نمائندن توڙي سرندي وارن به هن ڏکي گهڙي ۾ اسان جي سار سنڀال ناهي لڌي. هنن چيو ته ٻارڙا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھن، رستا پاڻي ۾ مڪمل هيٺ اچي ويا آھن، هنن چيو ته معصوم ٻارڙا گيسٽرو توڙي ٻين بيمارين ۾ وٺجي ويا آھن پر سرڪار به مدد نٿي ڪري ۽ نه ئي ڳوٺن ۾ ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي وئي آھي. هنن ضلعي ۽ تعلقي انتظاميا سميت چونڊيل نمائندن کي اپيل ڪئي ته ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button