پاڪستان

نواز ۽ زرداري تحريڪ انصاف کي فوج سان ويڙهائڻ جي سازش ڪري رهيا آهن: عمران خان

گوجرانوالا: پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته نواز شريف ۽ آصف زرداري پي ٽي آءِ کي فوج سان ويڙهائڻ جي سازش ڪري رهيا آهن. گوجرانوالا ۾ لانگ مارچ کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته مون ملڪ ٽٽندي ڏٺو آهي، پاڪستان جي سڀ کان وڏي پارٽي اوڀر پاڪستان مان جيڪا چونڊ کٽي، پر اوڀر پاڪستان جي عوام کي سندن حق نه ڏنو ويو، ڇاڪاڻ ته هتي هڪ سياستدان پنهنجي ڪُرسي لاءِ سازش ڪري کين سندن حق نه ڏنو، هن فوج کي ان پارٽي خلاف استعمال ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ ٽٽي ويو. هن چيو ته اڄ وري لنڊن ۾ ويٺل ڀڳوڙو نواز شريف ۽ ملڪ جي سڀ کان وڏي بيماري آصف زرداري گڏجي سازش ڪري رهيا آهن ته ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي ۽ فوج ۽ اسٽيبلشمينٽ کي هڪ ٻئي خلاف استعمال ڪريون، اها ملڪ خلاف سازش آهي، سڀني چورن جو مقصد فوج جو پي ٽي آءِ سان ٽڪراءُ ڪرائڻ آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته آصف زرداري پويان سنڌ اچي رهيو آهيان. هن چيو ته ٻاهران اسڪرپٽ ڏنو ويندو آهي ته روس کان سستو تيل ناهي وٺڻو، آمريڪا کان اين او سي ورتي ويندي آهي ته روس کان تيل وٺي سگهون ٿا يا نه. هن چيو ته منهنجي جيئڻ مرڻ پاڪستان ۾ آهي، مان نواز شريف ناهيان جو ملڪ ڇڏي ڀڄي وڃان، نواز شريف انتظار ڪري رهيو آهي ته کيس سگهارين ڌرين وٽان اين آر او ملي وڃي ۽ پوءِ هو واپس موٽي اچي، اسان سڀ گڏجي ڌاڙيل نواز شريف جي آجيان ڪنداسين، کيس هوائي اڏي کان اڊيالا جيل وٺي وينداسين. عمران چيو ته نواز شريف ميڊيڪل رپورٽن ۾ به ڌانڌلي ڪئي، نواز شريف ۽ زرداري گڏجي سازش ڪري رهيا آهن. پي ٽي آءِ چيئرمين ن ليگ قائد کي چئلينج ڏيندي چيو ته نواز شريف جڏهن به واپس اچين ته چونڊ ۾ مقابلو ڪجان، چئلينج ڪيان تنهنجي تڪ ۾ توکي هارائيندس. هن چيو ته اسان جي تحريڪ، سڄي قوم چيف جسٽس ڏانهن واجهائي رهي آهي ته اوهان کي ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني قائم ڪرڻي آهي. جڏهن ته آمريڪي ريڊيو کي انٽرويو ڏيندي عمران خان دعويٰ ڪئي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ڪرپشن کي خراب نه سمجهندو هو ۽ احتساب ڪرڻ لا تيار نه هو. هن چيو ته “مان 26 سالن کان چئي رهيو آهيان ته قانون جي بالادستي بنا ڪا قوم ترقي نٿي ڪري سگهي پر هن جو اهو هو ته هڪ اختلاف اهو هو ۽ ٻيو مسئلو اهو هو ته هو عثمان بوزدار جي جا تي عليم خان کي وڏو وزير بڻائڻ چاهي پيو، باقي ڪو اختلاف نه هو.”

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button