پاڪستان

آرمي چيف جي مقرري ۾ رنڊڪ وجهڻ وارو عمراني هدف پورو نه ٿيندو: مريم نواز

لنڊن: پاڪستان مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان جو هدف آرمي چيف جي مقرري ۾ رنڊڪ وجهڻ آهي جيڪو پورو نه ٿيندو. عمران خان اسٽيبلشمنٽ کي ڌمڪائي رهيو آهي ته منهنجو ساٿ ڏيو. نواز شريف جلد واپس ايندو، ان معاملي کي جلد قانوني طور تي اٿاريو ويندو. لنڊن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم نواز چيو ته پاڪستان جي تحفظ جي سڀ کان وڏي ذميواري هن وقت عدالتن تي آهي، هي ڪيس به سپريم ڪورٽ ۾ آهي. هن چيو ته حڪومتن جون مجبوريون هونديون آهن پر ان شي جو ايندڙ وقتن لا ازالو ٿيڻ گهرجي. نواز شريف جي وطن واپسي بابت سوال تي هن چيو ته سندس اپيل جي فيصلي ۾ هن سان گڏ نواز شريف جي بيگناهي به ثابت ٿي آهي. هن چيو ته ججن چيو ته نواز شريف تي ڪو الزام ثابت نه ٿيو آهي. مريم نواز چيو ته هو هاڻي جلد ان معاملي کي قانوني طور تي اٿاريندا ۽ نواز شريف جلد واپس ايندو. هن چيو ته عمران خان جي ڏوهن جي لسٽ ڊگهي آهي، سندس سياسي جدوجهد مشرف کان شروع ٿي. مريم نواز چيو ته شهباز شريف آرمي چيف جي مقرري آئين پٽاندڙ ڪندو، لانگ مارچ عمران خان جي آخري ڪارڊ هيو اهو به هٿن مان نڪري ويو ڇو جو عوام کيس رد ڪري ڇڏيو آهي. ن ليگ جي مرڪزي اڳواڻ چيو ته فارين فنڊڊ فتني ڪوڙ ڳالهائڻ کانسواءِ ڪو ڪم ناهي ڪيو، جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ کيس نواز شريف جي ڪرپشن بابت ڪجهه چيو هو ته ثبوت ڏسڻ گهرجن ها ڇاڪاڻ ته عدالتون شاهدين ۽ ثبوتن جي بنياد تي ئي فيصلا ڏينديون آهن. هن چيو ته عمران خان جو لانگ مارچ پنجن ڏينهن کان لاهور ۾ ڦاٿل آهي، روز هي ٻه کان ٽي ڪلاڪ سفر ڪري لانگ مارچ ختم ڪري ڇڏين ٿا، سلسلو اهڙي نموني هلندو رهيو ته هي هڪ مهيني ۾ اسلام آباد پهچندا. سندس چوڻ هو ته ڪوڙ، مڪاري ۽ دوکي سان قومي سلامتي خلاف سازشي بيانيو گهڙيو ويو، جنهن لاءِ ڊي جي آءِ ايس آءِ کي منظرعام تي اچڻو پيو. هن چيو ته عمران خان رات جو سندن پير جڏهن ته ڏينهن جو کين ڳچي کان پڪڙي ٿو، رات جو لڪي لڪي ملاقاتن بابت هاڻ قوم ڄاڻي چڪي آهي ۽ اها ان فتني تي يقين نٿي ڪري، ايندڙ ڏينهن عمران خان بابت وڌيڪ حقيقتون سامهون اينديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button