سنڌ

نئون ديرو شهر جي مصروف روڊ تي ڊرينيج نالي جو بلاڪ ٽٽي پيو

نئون ديرو شھر جي اھم روڊ پير گهرگهل شاهه، گرلز ڪاليج روڊ تي 5 فوٽ اونهي نيڪال واري ڊرينيج ڊسپوزل ويجهو هول جو سيمينٽ سان جوڙيل بلاڪ ٽٽي نالي ۾ ڪري پيو. ان روڊ تان اسڪول ۽ ڪاليج ويندڙ سوين نياڻيون، پاڙي جا ٻار توڙي چوپائي مال جو گذر ٿيندو آهي. ٻن ڏينھن کان کليل ھجڻ ڪري ميونسپل ڪاميٽي انتظاميا بي خبر بڻيل آھي. اھڙي ڪوتاھي ڪنھن وڏي نقصان جو سبب بڻجي سگهي ٿي. ان کان اڳ ميونسپل انتظاميا فوري طور تي لوھي ڇڪو ٺھرائي لڳرائي ۽ شھرين کي تحفظ فراھم ڪري. ان موقعي تي علائقي واسين حسين ابڙو، سعيد احمد ابڙو، خليل احمد، صاحب خان ۽ ٻين دانهيندي چيو آهي ته وڏو 3 کان چار فوٽ ھول کليل آهي، نالي جي اونھائي5 کان 6 فوٽ آهي، هتي ٻار کيڏندا ٿا وتن، ننڍا ٻار شي وٺڻ لا دڪانن تي اچن وڃن ٿا. ان لا ميونسپل انتظاميه نالي ماتر سيمينٽ وارو دڪو رکيو وڃي، جيڪو ايندڙ ويندڙ گاڏين جي گذر دوران ڀڃي پوي ٿو، جنھن سبب ھر وقت خوف رھي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button