گرينڊ هيلٿ الائنس سنڌ جي سڏ تي ينگ ڊاڪٽرس ايسوسيئيشن، ينگ نرسز ايسوسيئيشن، پاڪستان پيرا ميڊيڪل اسٽاف پاران رسڪ الائونس جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيڻ ۽ مطالبن جي مڃتا لا مختلف شهرن ۾ او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪري اسپتالن اڳيان احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي جي چئني سرڪاري اسپتالن سول اسپتال، چانڊڪا ٽيچنگ اسپتال، شيخ زيد وومين ۽ شيخ زيد چلڊرين اسپتالن جي او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري اڳواڻڻ ڊاڪٽر فضل کوسو، زبير منگي، شاهي خان جاگيراڻي، ذوالفقار سهتو، غلام حسين لانگاهه، غلام حسين جلباڻي ۽ ٻين سٽي او پي ڊي ٻاهران احتجاجي ڌرڻو هنيو. ميرو خان ۾ او پي ڊي جو مڪمل بائيڪاٽ ڪري اسپتال جي مک گيٽ آڏو اڳواڻن ارشد علي پتوجو، محمد اشرف ڪلهوڙو، محمد يوسف سنديلو ، ماجدہ ڀٽي ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو. ڊکڻ ۾ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري اڳواڻن جي ايم ابڙو، غلام نبي جتوئي، علي مراد شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. جاتي تعلقي اسپتال ۾ پيرا ميڊيڪل اڳواڻ مقبول ٿھيم، خدا بچايو جت، عيسى ميمڻ، حيات ٿھيم ۽ ٻين مڪمل ٽوڪن ھڙتال ڪري او پي ڊي آڏو مظاھرو ڪيو. ميرپور بٺورو ۾ ڊاڪٽر يوسف کٽي ،شڪيل زئور ،ڊاڪٽر عرفان ميمڻ، راجا رند،مديا ميمڻ، ڊاڪٽر سليمان شاهه جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي. قاضي احمد ۾ رورل ھيلٿ سينٽر جي پيراميڊيڪل اسٽاف او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري اڪبر علي آرائين، ڊاڪٽر اشفاق احمد راهو، فريد ڌاريجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. خانپور مهر ۾ گرينڊ هيلٿ الائينس جي سڏ تي عالم خان سيال، اڪبر قاضي، عبدالڪريم مڱڻهار جي اڳواڻي ۾ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مدئجي تعلقي اسپتال ۾ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪرڻ بعد ملازمن سجاد منگي, الطاف ڪنڀر, صادق سومرو, شاهد جماڻي ,نويد جيھو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مين گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن دانهيندي چيو ته سنڌ حڪومت ۽ صحت کاتي جي اختيارين پاران واعدو ڪرڻ باوجود سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ رسڪ الائونس جو نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو، جنهن ڪري ٻيهر احتجاجي مظاهرا ڪري او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري رهيا آهيون.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close