ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد نديم الرحمان ميمڻ سمورن سرڪاري کاتن جي عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته پنهنجن ادارن جا نالا انگريزي سان گڏ سنڌي ۽ اردو ٻولي ۾ لکيا وڃن. خانگي تعليمي ادارا پنهنجن ادارن جي نصاب ۾ سنڌي مضمون شامل ڪري شاگردن کي ٻين ٻولين سان گڏ سنڌي تعليم به لازمي طور پڙهائين. هن اهڙي هدايت سنڌي ٻولي جي واڌ ويجھه جي حوالي سان لاڳاپيل عملدارن سان شهباز هال حيدرآباد ۾ سڏايل گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڏني. گڏجاڻي ۾ ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فواد غفار سومرو، سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جي چيئرمن ڊاڪٽر اسحاق سميجو، ايوان تجارت ۽ صنعت جي نمائندن کان علاوه قاسم آباد بزنس فورم جي رحمت الله ساند ۽ سرڪاري کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي. ڪمشنر حيدرآباد وڌيڪ چيو ته اڪثر ڏٺو ويو آهي ته سرڪاري ادارن يا فائلن تي رڳو انگريزي لکي وڃي ٿي، ان لا ضروري آهي ته انگريزي سان گڏ اردو ۽ سنڌي به لکي وڃي. جيڪڏهن ڪٿي انگريزي ۽ اردو لکيل آهي ته اتي سنڌي به لکي وڃي ۽ جيڪڏهن ڪٿي سنڌي ۽ انگريزي لکيل آهي ته اتي اردو کي به شامل ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close