سنڌ

حيدرآباد بلديه مان نيڪالي ڏنل ملازمن جو احتجاجي مظاهرو

بلديه اعليٰ حيدرآباد جي ڪچن ملازمن نوڪرين مان نيڪالي خلاف ڪالهه ٻئي ڏينهن بھ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون اشرف بوزئي، غلام حسين زيدي، اڪبر عنايت، اعجاز شيخ ۽ ٻين مظاهرو ڪيو. هنن دانهيو ته 15 سالن کان اداري ۾ ايمانداري سان ڊيوٽي سرانجام ڏئي رهيا آهيون پر هاڻ بنا جواز ڪڍيو ويو آهي. هنن چيو ته روزگار ٻچن جو پيٽ گذر هو اهو بند ڪري ناانصافي ڪئي وئي آهي. اسان ڏينهن رات ڪري ڪم ڪندا هئاسين پر ضلعي انتظاميه نوڪرين مان ڪڍي ظلم ڪيو آهي. هنن چيو ته اسين اقليتي آهيون، هڪ سازش تحت اقليتن کي نوڪري مان ڪڍيو ويو آهي. هنن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوڪري مان نيڪالي ڏنل ڪچن ملازمن کي بحال ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button