سنڌ

ڪشمور پوليس جو ٻن نوجوانن کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف وارثن جو احتجاج

ڪشمور جڊيشل لاڪپ مان ضمانت تي آزادي بعد جيل اندران ٻه بگٽي نوجوانن کي ڪشمور پوليس ٻيهر کنڀي گم ڪرڻ واري معاملي تي وارثن مائي ڀوري بگٽي ڪورٽ سڳوري ۾ دانهيندي چيو ته منهنجو پٽ فتح الدين ۽ ڀائيٽو قمرالدين کي ڪشمور پوليس ڊکڻ بنگلي مان پڪڙي ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو هو، جنهن ۾ مان پاڻ سيشن ڪورٽ مان ضمانت ڪرائي پر جڏهن ضمانت جو ليٽر جيلر کي ڏئي ٻچڙن کي آزاد ڪرايو ته پوليس جي ونگار وهندي جيلر رياض نائچ ٻچڙن کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، جيڪي هن وقت تائين غائب آهن، جن کي هڪ مهينو گذري ويو پر اڃان تائين ڪشمور پوليس ٻچڙن جي نه گرفتاري ظاهر ڪئي آهي. جنهن بابت وڪيل عبدالنبي بروھي معرفت ڪورٽ سڳوري ۾ ڪشمور جڊيشل لاڪپ جي جيلر رياض نائچ، ايس ايڇ او اقتدار حسين جتوئي، وڏو منشي برڪت ملڪ، هدايت الله کوسو، طارق مزاري، بلاول سومرو، لکمير اوڏ، بهرو ملڪ تي پٽيشن داخل ڪئي آهي، جنهن ۾ ڪورٽ سڳوري گڊو ٿاڻي جي ايس ايڇ او منظور لغاري کي سمورن ملوث جوابدار اهلڪارن تي اغوا جي ايف آ آر درج ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو پر گڊو ٿاڻي جو ايس ايڇ او منظور لغاري پنهنجي پٽي ڀائين جي ونگار وهندي ڪيس داخل ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button