سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ محتسب اعلى آڏو ڊٽيڪشن بلن جون شڪايتون

وفاقي محتسب اعليٰ اعجاز احمد قريشي جي هدايتن تي ريجنل هيڊ محتسب سکر سيد محمود علي شاهه صوبائي محتسب آفيس لاڙڪاڻي ۾ وفاقي کاتن خلاف شڪايتون ٻڌيون. جنهن ۾ واپڊا عملدار جن ۾ سهيل احمد کهاوڙ، روينيو آفيسر، سيپڪو لاڙڪاڻو، ايس ڊي او قمبر حامد علي حاضر ٿيا ۽ سيپڪو خلاف درخواستگذار پيش ٿيا ۽ پنهنجا مسئلا ٻڌايا، جنهن ۾ اوور ريڊنگ ۽ ڊٽيڪشن بل ملڻ جون شڪايتون ڪيون ويون. ريجنل هيڊ سيد محمود علي شاهه 40 مليل شڪايتن جو جائزو ورتو ۽ 36 شڪايتن تي موقعي تي ئي فيصلو ٻڌايو ۽ 4 درخواستن ۾ تاريخ ڏني وئي. سيپڪو اختيارين کي سختي سان هدايتون جاري ڪيون ته 30 ڏينهن اندر هنن جا واڌو بل ڪاٽي موڪليا وڃن ۽ انهن جا جائز مسئلا حل ڪيا وڃن، شڪايتن جي فيصلن تي عملدرآمد ڪرايو ۽ ان تي عمل نه ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. وفاقي محتسب جو عزم آهي ته غريب عوام کي فوري انصاف مهيا ڪيو وڃي. هن سيپڪو عملدارن کي اهي به هدايتون ڏنيون ته اوور ريڊنگ ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button