سنڌ

ڪراچي ۾ 2 نوجوانن جي قتل خلاف ايس ٽي پي جا مظاهرا،ڌرڻا

ڪراچي مڇر ڪالوني ۾ ٻن نوجوانن انجنيئر ايمن جاويد سعيد ۽ اسحاق پنھور کي اغوا ڪار ڄاڻائي بيدردي سان قتل ڪرڻ واري واقعي خلاف ايس ٽي پي جي سڏ تي سڄي سنڌ ۾ مظاهرا ۽ ريليون ڪڍي ڌرڻا هنيا ويا. ان سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ ضلعي صدر جان محمد جوڻيجو، رستم لاشاري، جبار راهو ۽ ٻين پريس ڪلب سامهون مظاهرو ڪيو. کورواهه ۾ ايس ٽي پي پاران ابوبڪر ڪڇي، مصطفى ڪنڀار، نور علي جت ۽ ٻين پريس ڪلب کورواهه کان ريلي ڪڍي شھر جي مين چوڪ تي ڌرڻو هنيو. ماتلي ۾ ايس ٽي پي ڪارڪنن ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاھرو ڪري بس اسٽاپ چوڪ تي ڌرڻو ھنيو. ريلي جي اڳواڻي اسلم مھندو، خالد مگسي، گل محمد شاهه ۽ ٻين ڪئي. ڀٽ شاهه ۾ رحمدل مگسي سڪندر شاهه، قربان عمراڻي، امام علي شاهه، گل بهار بليدي، بچل کوسو، مريد پلال ۽ ٻين ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو. بدين ۾ غلام قادر مراداڻي، رسول بخش چانگ ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو. احتجاج جي اڳواڻي سلطان بوھڙ، ارشاد نھڙيو، يونس سيال، حاجي محمد چانگ، ياسر سيال، اشرف چانگ ۽ ٻين ڪئي. مانجهند ۾ ايس ٽي پي شاهي بازار مان ريلي ڪڍي مين چوڪ تي ڌرڻو هنيو. لاڙڪاڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان سخت نعريبازي ڪئي وئي. اڳواڻي احمد نواز بروهي، صادق لاشاري، طارق جتوئي، شمس الدين پنهور، نصير احمد ڪلهوڙو ۽ ٻين ڪئي. ڊگھڙي ۾ ريلوي ڦاٽڪ کان ايس ٽي پي جي ضلع صدر مير يونس ٽالپر، پرويز نوحاڻي، محبوب دل، قادربخش ڀنڀرو، سجاد ڪنڀر، ڀورو سنڌي، ٺارو نوحاڻي، ذيشان نوحاڻي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button