سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ ڪري نوجوان فوت

لاڙڪاڻي ۾ موٽرسائيڪل تان ڪري نوجوان فوت ٿي ويو. ان ڏس ۾ لاڙڪاڻي جي بقاپور ٿاڻي جي حد ڏهوٽ چوڪ وٽ گذريل رات دير سان موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ سبب رحمت پور پاڙي جو رهواسي نوجوان نسيم سمون سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي علائقي واسين ۽ پوليس کڻائي چانڊڪا اسپتال آندو، جتي نوجوان زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته رات دير سان نوجوان نسيم سمون ڏوڪري کان واپس لاڙڪاڻي اچي رهيو هو ته ڏهوٽ چوڪ وٽ سندس موٽرسائيڪل روڊ تي پيل پٿرن سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ اهڙو واقعو پيش آيو آهي. حادثي ۾ فوت ٿيل نوجوان جو لاش اسپتان مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button