سنڌ

رسڪ الائونس جاري نه ٿيڻ خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاج

گرينڊ هيلٿ الائنس سنڌ جي سڏ تي ينگ ڊاڪٽرس، ينگ نرسز ايسوسيئيشن ۽ پاڪستان پيرا ميڊيڪل اسٽاف پاران رسڪ الائونس جو نوٽيفڪيشن جاري نه ڪرڻ خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي جي چئني اسپتالن سول اسپتال، چانڊڪا ٽيچنگ اسپتال، شيخ زيد وومين ۽ شيخ زيد چلڊرين اسپتالن جي او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري ڊاڪٽر فضل کوسو، زبير منگي، روبينه شبنم، شاهي خان جاگيراڻي، ذوالفقار سهتو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سٽي او پي ڊي ٻاهران احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو. حيدرآباد سول اسپتال سميت ٻين سرڪاري اسپتالن ۾ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. وڳڻ ۾ سرڪاري اسپتال ۾ ڊاڪٽر مظفر کوکر، ڊاڪٽر آصف ڪلهوڙو، ڊاڪٽر روي ڪمار، لال خاتون مغيري ۽ ٻين او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو. نصير آباد ۾ پيرا ميڊيڪل اڳواڻن اياز قمبراڻي، فقير اقبال سومرو، معشوق ايري، لياقت چاندي جي اڳواڻي ۾ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. قمبر جي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ اڳواڻن اصغر علي چنجڻي، علي نواز مغيري، محمد رفيق منگي، فيروز الدين ڪلھوڙو، آصف علي کوکر ۽ ٻين او پي ڊي جو مڪمل بائيڪاٽ ڪري اسپتال آڏو ڪئمپ ھڻي احتجاج رڪارڊ ڪرايو. ميرو خان ۾ گداحسين مگسي، ارشد علي پتوجو، اشرف ڪلهوڙو، ڊاڪٽر اسماعيل لاشاري، رخسانا ڏيٿو، ماجده ڀٽي ۽ ٻين او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري تعلقي اسپتال کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو. باقراڻي ۾ ڊاڪٽر ساحل ابڙو، ڊاڪٽر راج ڪمار، صفر ٻگهيو، سرفراز سومرو، آفتاب ٻگهيو، گل محمد چانڊيو سميت ٻين او پي ڊي جو مڪمل بائيڪاٽ ڪري اسپتال جي مين گيٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن دانهيندي چيو ته سنڌ حڪومت ۽ صحت کاتي واعدي ڪرڻ باوجود رسڪ الائونس جو نوٽيفڪيشن جاري ناهي ڪيو. جيستائين نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيندو اوستائين او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج جاري رکيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button