سنڌ

مدئجي ويجهو پراڻو خوني تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، هڪ ڄڻو قتل

مدئجي جي ڪچي واري علائقي ۾ ڪلهوڙا-جوڻيجا خوني تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو. ڌرين جي هڪٻئي مٿان فائرنگ ۾ ڪلهوڙا ڌر جو هڪ ڄڻو مارجي ويو. جهيڙي ۾ دوران هڪٻئي مٿان ڇتي فائرنگ ڪري ڏني، فائرنگ دوران گوليون لڳڻ سبب ڪلهوڙا ڌر جو ارشاد پٽ مور ناريجو ٿڏي تي مارجي ويو، جڏهن ته قربان ڪلهوڙو، وهاب ڪلهوڙو، صابر ڪلهوڙو سميت چار ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڌرين ۾ ڪيترائي ڪلاڪ فائرنگ هلندي رهي، جنهن بعد پوليس پهچي فائرنگ بند ڪرائي واقعي جي ڇهن ڪلاڪن بعد پوليس لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لا تعلقي اسپتال پهچايو، لاش پوسٽ مارٽم بعد پوليس پهري ۾ ڳوٺ نيو ويو. رابطو ڪرڻ تي جهٻر شيخ پوليس جو چوڻ هو ته ڪلهوڙا جوڻيجا برادرين ۾ پراڻو تڪرار هلندڙ هو جنهن تان ڌرين ۾ فائرنگ ٿي، جنهن ۾ ڪلهوڙن سان گڏ وڙهندڙ ارشاد ناريجو مارجي ويو، جڏهن ته نينگر سميت چار ڄڻا زخمي ٿيا آهن. اطلاع تي پهچي فائرنگ بند ڪرائي لاش کڻائي پهتا آهيون، وڌيڪ جاچ ڪريون ٿا. آخري اطلاعن تائين ڌرين ۾ فائرنگ جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري هو ۽ فائرنگ سبب علائقو نوگوايريا بڻيل هو. علائقي واسي پڻ خوف وچان گهرن تائين محدود ٿي ويا.ياد رهي ته خوني تڪرار تان ٻنهي ڌرين جا 9 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي چڪا آهن پر پوليس هن وقت تائين جهيڙي جي خاتمي لا ڪجهه به ناهي ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button