سنڌ

ڪراچي ۾ بيرحم پٽ ما کي ڳلو ڪپي قتل ڪري ڇڏيو

ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۾ بيرحم پٽ پنهنجي ماءُ کي تيز ڌار واري اوزار سان ڳلو ڪپي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس موجب جمعي جي صبح ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر جي بلاڪ 17 ۾ واقع فليٽ مان عورت جو ڳلو ڪپيل لاش هٿ آيو. اطلاع تي پوليس پهچي لاش کڻائي جناح اسپتال پهچايو. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ موجب پٽ نفسياتي مريض آهي پر فليٽ تي به تڪرار هلندڙ هو. مقتولا جي سڃاڻپ حاجره ڪشور زال جميل احمد جي نالي سان ٿي آهي، جنهن جي عمر 75 ورهين جي هئي. قتل جو حتمي سبب معلوم نه ٿي سگهيو آهي، پوليس واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button