سنڌ

پيپلز بس سروس کي پوري صوبي ۾ وڌايو پيو وڃي:شرجيل ميمڻ

صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي کانپوءِ هاڻي حيدرآباد جا شهري به پيپلز بس سروس جي ذريعي سفر ڪري سگهندا. واعدي جي مطابق پيپلز بس سروس کي پوري صوبي ۾ وڌايو پيو وڃي. ته جيئن هر شهري بهترين سفري سهولت مان فائدو کڻي سگهي. انشا الله هن مهيني جي آخر ۾ حيدرآباد ۾ پيپلز بس سروس جي باقاعده شروعات ٿي ويندي. هن چيو ته حيدرآباد ۾ پهرين روٽ جي لاءِ حيدر چوڪ کان هٽري پوليس اسٽيشن جي چونڊڪئي وئي آهي. روٽ تي 15 بس اسٽاپ ٺاهيا ويندا. پيپلز بس سروس حيدر چوڪ کان گل سينٽر، ٿڌي سڙڪ، ايگريڪلچرڪمپليڪس، وحدت ڪالوني، سنڌ ميوزيم، قاسم چوڪ، جيل روڊ، اسرا هاسپيٽل کان هٽڙي پوليس اسٽيشن تائين هلندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button