سنڌ

ٻوڏ ۾ تباهه ٿيل 71 روڊن جي تعمير لاءِ 46 ارب رپين جي منظوري

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه 46 ڏهائي 3 ارب رپين جي لاڳت سان تيز برساتن/ ٻوڏ سبب تباهه ٿيل 71 روڊن جي اوور هالنگ/ نئين سِر تعمير جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ته جيئن ڪم جلد کان جلد شروع ڪيو وڃي. هن چيو ته ٽٽل روڊن جي اوور هالنگ خاص ڪري ننڍا روڊ جيڪي فارمن کي مارڪيٽ ۽ مختلف ڳوٺن کي مکيه شاهراهن سان ڳنڍيندا آهن اهي معيشت جي بحاليءَ ۽ عوام جي سهولت ۽ اچ وڃ جي لاءِ اهم آهن. هن اها ڳالهه جمعي ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ ورڪس وارو صوبائي وزير ضياءَ عباس شاهه، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، چيئرمين پي اينڊ ڊي حسن نقوي، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري فياض جتوئي، سيڪريٽري ورڪس عمران عطا ۽ چيف انجنيئر روڊز شرڪت ڪئي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته 23 ضلعن جا 71 روڊ جن جي ڪل ڊيگهه 1473 ڏهائي 38 ڪلوميٽر آهي، اهي تيز برساتن ۽ ٻوڏ سبب تباهه ٿي ويا آهن، جن ۾ ڄامشورو ضلعي ۾ 157 ڏهائي 7 ڪلوميٽر جا 6 روڊ، دادو ۾ 149 ڏهائي 27 ڪلوميٽر جا 5 روڊ، شهيد بينظير آباد جا 106 ڏهائي 6 ڪلوميٽر جا 3 روڊ، نوشهروفيروز ۾ 137 ڪلوميٽر جا 9 روڊ، حيدرآباد ۾ 20 ڏهائي 4 ڪلوميٽر جا 2 روڊ، ٽنڊوالهيار ۾ 93 ڏهائي 8 ڪلوميٽر جا 6 روڊ، ٽنڊو محمد خان ۾ 19 ڪلوميٽر جو هڪ روڊ، ٺٽي ۾ 65 ڪلوميٽر جا 4 روڊ، سجاول ۾ 55 ڏهائي 5 ڪلوميٽر جا 2 روڊ، بدين ۾ 71 ڪلوميٽر جو هڪ روڊ، ميرپورخاص ۾ 80 ڪلوميٽر جا 2 روڊ، عمرڪوٽ ۾ 20 ڪلوميٽر جو هڪ روڊ، سانگهڙ ۾ 46 ڪلوميٽر جا 3 روڊ، ٿرپارڪر ۾ 35 ڪلوميٽر جو هڪ روڊ، سکر ۾ 58 ڪلوميٽرن جا 5 روڊ، گهوٽڪي ۾ 9 ڪلوميٽر جو هڪ روڊ، خيرپور ۾ 23 ڪلوميٽر جا 2 روڊ، شڪارپور ۾ 67 ڪلوميٽر جا 3 روڊ، جيڪب آباد ۾ 45 ڏهائي 45 ڪلوميٽر جا 3 روڊ، ڪشمور ۾ 52 ڏهائي 29 ڪلوميٽر جا 3 روڊ، لاڙڪاڻي ۾ 92 ڏهائي 65 ڪلوميٽر جا 5 روڊ ۽ قمبر-شهدادڪوٽ ۾ 67 ڏهائي 2 ڪلوميٽر جا 3 روڊ شامل آهن. ورڪس واري وزير ضياءَ عباس شاهه وڏي وزير کي ٻڌايو ته روڊن جي لاڳت جو ڪاٿو 46 ڏهائي 32 ارب رپيا لڳايو ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير اسڪيم جي منظوري ڏيندي چيئرمين پي اينڊ ڊي حسن نقوي کي هدايت ڪئي ته هو جلد کان جلد ڪم کي باقاعده فائنل ڪري ان تي عمل شروع ڪري. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ (ADB) صوبي جي ڪجهه وڏن روڊن جي مرمت جي ڪم لاءِ مالي مدد ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو آهي، جنهن لاءِ ضروري ڪاغذ مڪمل ڪيا پيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button