اسلام آبادپاڪستان

عمران تي حملو سڌو مذهبي انتهاپسندي جو ڪيس آهي:راڻا ثناءُالله

اسلام آباد :وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله هڪ ڀيرو وري پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان تي قاتلاڻي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته هي سڌو سنئون مذهبي انتهاپسندي جو ڪيس آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته اسان عمران خان کي سياسي مخالف سمجهندا آهيون دشمن نه پر عمران خان اسان کي دشمن سمجهي ٿو. هن چيو ته لانگ مارچ دوران هينئر تائين چار انساني جانيون ضائع ٿي چڪيون آهن. ڪالهه وارو واقعو انتهائي افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو آهي پر جيڪو رستو پي ٽي آءِ وارا اختيار ڪري رهيا آهن هو تباهي وارو رستو آهي. ان رستي تي بچت اوهان به نه ٿيندي، جيڪي ڳالهيون ڪالهه اسد عمر عمران خان جي حوالي سان ڪيون اهي افسوس جوڳيون آهن. انهن ماڻهن بنا ثبوت جي الزام مڙهي ڇڏيو، پي ٽي آءِ قيادت ماڻهن کي ڀڙڪائيندي رهي، سندن ڪيئي اڳواڻ هٿيار کڻي للڪاريندا رهيا. گهرو وزير چيو ته عمران خان ۽ سندس ٻئي درجي جي قيادت جو رويو انتهائي افسوس ۽ مذمت جوڳو آهي. پوليس واقعي جي جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي، گجرات جي ٿاڻي ۾ ئي جوابدار جو بيان رڪارڊ ٿيو، ان واقعي جي به اڃا تائين ايف آءِ آر داخل ناهي ٿي، لڳي ٿو پي ٽي آءِ وارا پنهنجي مرضي موجب ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. وفاقي وزير چيو ته جوابدار جي بيان جي هڪ قسط گذريل ڏينهن جاري ٿي هئي، پنهنجي بيان ۾ جوابدار حملي جا ٻه ڪارڻ بيان ڪيا آهن، جوابدار جي بيان کانپوءِ پنجاب حڪومت ۽ وڏي وزير ٿاڻي جي عملي کي معطل ڪري ڇڏيو، ٿاڻي جي عملي کي معطل ڪرڻ کانپوءِ جوابدار جي بيان جي ٻي قسط جاري ٿي. يقينن جوابدار جي بيان جي ٻي وڊيو عمران خان به ڏٺي هوندي. هن چيو ته جوابدار جيڪو الزام مڙهي رهيو آهي اهو انتهائي ڀوائتو ۽ ڳڻتي جوڳو آهي، اسان ان وڊيو کي روڪيو پر اها وڊيو ميڊيا تائين به پهتي، اسان لکت ۾ ۽ ميڊيا ذريعي به پنجاب حڪومت کي جي آءِ ٽي جوڙڻ جي تجويز ڏني آهي. هن چيو ته مذهبي انتهاپسندي اسان ڀوڳي رهيا آهيون، هاڻ سياسي انتهاپسندي جو ٻج پڻ ڇٽيو پيو وڃي. هن چيو ته گهرو وزير چيو ته پي ٽي آءِ قيادت ۽ خان صاحب کي چوڻ چاهيان ٿو ته پنهنجي رويي کي بدلائي، اميد آهي ته اسان جي ڳالهين کي هو هوا ۾ نه اڏائيندو ۽ انهن تي ڌيان ڏيندو. پهريان جڏهن عمران خان حادثي جو شڪار ٿيو ته نواز شريف عيادت لاءِ ويو هو، هنيئر به ماحول بهتر ٿئي ته عيادت لاءِ وڃي سگهجي ٿو پر انهن تي واقعي جو الزام ئي اسان تي مڙهي ڇڏيو آهي. عيادت لاءِ وڃڻ به غور هيٺ آهي، ان جو حتمي فيصلو وزيراعظم ڪندو. وفاقي گهرو وزير چيو ته پنجاب حڪومت کي جوابدار جي وڊيو بيان ليڪ ٿيڻ تي جاچ ڪرڻ گهرجي، اهڙي انتها پسندي واري ماحول ڪيئن ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون، ڪيئن بهتري آڻي سگهجي ٿي، اسان پهريان به ڪيئي ڀيرا آءِ جي، چيف سيڪريٽري ۽ پي ٽي آءِ قيادت کي خطرن بابت آگاهه ڪري چڪا آهيون، پر هو اسان کي جواب ڏيندا آهن ته اوهان جون ” ڪانپين ٽانگ رهي هين ” اسان وٽ ڳجهن ادارن جون رپورٽون هيون، اسان کين انهن بابت آگاهه ڪندا رهياسين، پنهنجي حفاظت جو فيصلو اوهان کي پاڻ ڪرڻو آهي، ڪو به فيصلو اوهان تي مڙهي نٿو سگهجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته گجرات مان جوابدار جي وڊيو ليڪ ٿي آهي، اتي ته اسان سپاهي به مقرر نٿا ڪري سگهون، اها اهم ڳالهه آهي ته جوابدار جي وڊيو ليڪ ٿي يا جاري ٿي آهي، ان وڊيو جي وائرل ٿيڻ انتهائي نقصانڪار ٿي سگهي ٿو، اسان اها ڳالهه سنجيدگي سان محسوس ڪيون ٿا ته اها وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ اهڙا عنصر زور پڪڙي سگهن ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button