سنڌ

دوداپور ۾ ڳوٺاڻن جو اين جي اوز خلاف احتجاجي مظاهرو

دوداپور ۾ ڳوٺاڻن اين جي اوز پاران من پسند ڳوٺن ۾ سفارش تي سروي ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ڳوٺاڻن امير بخش کوسو، خيربخش دستي، پنهل ڪٽوهر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ دوداپور-ٻوسڻ روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. اڳواڻن الزام هڻندي چيو ته برسات کي ٽي مهينا گذري ويا پر اڄ تائين نه ٽينٽ ۽ نه راشن مليو آھي. علائقي ۾ سروي ڪندڙ مقامي اين جي اوز به وڏيرن جي ونگار وهندي انهن جي سفارش تي من پسند ڳوٺن جي سروي ڪري رهي آھي. هنن چيو ته اين جي اوز جي انچارج حامد بوزدار کي ڪيترائي ڀيرا شڪايتون ڪيون پر هو ڪنهن به غريب جي دانهن ٻڌڻ لا تيار ناهي، صرف چند وڏيرا آھن انهن جي ئي سفارش تي ڪم ڪري ٿو. هنن اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button