سنڌ

قمبر ۾ وڌندڙ بدامني خلاف شهري اتحاد جي احتجاجي ريلي

قمبر ۾ وڌندڙ بدامني خلاف شهري اتحاد پاران واپارين ۽ شهرين شاهي بازار کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي محمد اسلم تنيو، علي جان مگسي، آصف شيخ، نثار احمد ڪنڀر، مير آهوجا ۽ ٻين چيو ته شهري ۽ واپاري هر روز ڦرجي رهيا آهن، شهر ڦورن حوالي ڪيو ويو آهي. ڪجهه ڏينھن اڳ واپاري بلاول ڪنڀر کان لکين رپيا ڦر ڪرڻ بعد گوليون هڻي زخمي ڪيو ويو. گيھه جي واپاري کان ڏينهن ڏٺي هٿيارن جي زور تي ڦر ڪئي وئي. قمبر جي صحافي حاڪم خاصخيلي وچ شهر مان ڦرجي ويو. هنن چيو ته ڦورن ۽ چورن جو راڄ هجڻ ڪري شهري ۽ واپاري پاڻ کي غير محفوظ سمجهن ٿا پوليس هن وقت تائين ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي، سکڻا آسرا ڏئي موٽائي ڇڏين ٿا. ھنن ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي شهر ۾ امن امان بحال ڪرايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button