سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ پيٽرياٽڪ مومينٽ پاران پاڪ فوج جي حمايت ۾ ريلي

لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان پيٽرياٽڪ مومينٽ آرگنائيزيشن پاران پاڪ فوج جي حمايت ۾ المرتضيٰ ٽاور وٽان ريلي ڪڍي ڪلب اڳيان پهتي. ان موقعي تي لياقت ابڙو، يونس علي ابڙو، نظر حسين، راجا منير جتوئي، عبدالجبار شيخ، عبدالڪريم جتوئي، عابد علي، طارق نعيم اعواڻ، مرتضيٰ عباسي، عمران جتوئي، ذيشان کوکر، احمد علي بليدي، سيد رستم شاهه ۽ ٻين چيو ته پاڪ فوج خلاف جيڪا پروپيگنڊا ھلي رهي آھي، اھا بند ڪئي وڃي ۽ پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ لا پاڪ فوج لا غلط لفظ ڳالهايا پيا وڃن، ملڪ خلاف ٿيندڙ ھر سازش کي پاڪ فوج عوام سان ملي ڪري بينقاب ڪيو آهي. هنن چيو ته ڪنهن کي به پاڪ فوج خلاف ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏينداسين، ڇاڪاڻ جو پاڪ فوج هر ڏکي وقت ۾ عوام جي مدد ۽ خدمت ڪئي آهي، اهڙين حرڪتن کان پاسو ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سندن گهيرو تنگ ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button