پاڪستان

مقتول معظم جي وارثن کي 50 لک امداد،ابتسام حسن کي 25 لک رپيا انعام

پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ دوران عمران خان حملو ڪندڙ کي پڪڙيندڙ نوجوان ابتسام کي 25 لک رپيا انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته فوت ٿيل پي ٽي آ ڪارڪن معظم گوندل جي پونيئرن کي 50 لک رپيا ڏنا ويندا. پرويز الاهي جي صدارت هيٺ ٿيل صوبائي ڪابينا جي اجلاس ۾ لانگ مارچ تي حملي ۽ عمران خان سميت ٻين اڳواڻن تي فائرنگ واري واقعي جي سخت مذمت ڪئي وئي. پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي فائرنگ سبب فوت ٿيل ڪارڪن معظم گوندل جي پونيئرن لا مالي مدد طور 50 لک رپين جو اعلان ڪيو، جڏهن ته حملو ڪندڙ کي پڪڙيندڙ ڪارڪن ابتسام کي 25 لک رپيا خصوصي انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button