پاڪستان

مقتول معظم گوندل جي تدفين، جن لئه جان ڏني سي ڪلهي ڪانڌي نه ٿيا

وزيرآباد ۾ لانگ مارچ دوران فائرنگ سبب مارجي ويل معظم گوندل جي جنازي نماز وزيرآباد ۾ ادا ڪئي وئي. 36 ورهين جي معظم بابت سامهون آيل تفصيل مطابق مقتول شادي شده هو ۽ هن پونيئرن ۾ هڪ بيوه سميت 3 ٻار سوڳوار ڇڏيا آهن. معظم اي سي ٽيڪنيشن طور ڪويت ۾ نوڪري ڪندو هو ۽ 3 هفتا اڳ پاڪستان موڪلن تي آيو هو. فوتي جي سئوٽ چوڌري عثمان گوندل ميڊيا کي ٻڌايو ته تحريڪ انصاف جا مقامي اڳواڻ ته اسان سان رابطي ۾ آهن پر پارٽي جي مک قيادت مان ڪو به اڳواڻ تڏي تي لڙي نه آيو آهي، جڏهن ته ڪنهن حڪومتي شخصيت به اسان سان رابطو ناهي ڪيو. عثمان گوندل چيو ته اسان جو ڀا شهيد آهي، هو فائرنگ ڪندڙ شخص کي پڪڙڻ لا سندس پٺيان ڀڳو، ان دوران گولي جو نشانو بڻجي ويو. هن ٻڌايو ته فوتي معظم جي ڪٽنب جو اباڻي علائقي بروڪي چيما سان تعلق آهي ۽ هو ڪجهه عرصو اڳ ئي وزيرآباد لڏي آيو هو، هاڻي مرحوم جي يتيم ٻارن جي سار سنڀال لا ڪمائي جو ڪو به ذريعو ناهي بچيو، ان حوالي سان سڀني کي سوچڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button